رچرڊ گرينل کي عمران خان جي آزادي لاءِ پاڪستان موڪلڻ جو امڪان؟

اسلام آباد (عاصما شيرازي) پي ٽي آءِ جا حامي يوٽيوبر اهي ڳالهيون ڪري رهيا آهن ته آمريڪا مان عمران خان جي حوالي سان وڏو پيغام اچڻ وارو آهي. پي ٽي آءِ سوشل ميڊيا موجب ٽرمپ انتظاميا عمران خان جي حمايت ۾ آهي. مثال طور رچرڊ گرينلکي خاص نمائندو مقرر ڪيو ويو آهي. هو سي آءِ اي جو ڊائريڪٽر به رهي چڪو آهي، جرمني ۾ سفير رهيو ۽ هاڻي به اهم ڪم انجام ڏيندو. نجي ٽي وي کيس هم جنس پرست ڄاڻائي خبر ڏني. پي ٽي آءِ ان نجي چينل خلاف به تنقيد شروع ڪري ڇڏي. رچرڊ گرينل کي ائين پيش ڪيو پيو وڃي ڄڻ ڪا وڏي شخصيت هجي، سندس ٿورا مڃيا پيا وڃن ڇو ته هن فري عمران خان لکي ڇڏيو آهي. جيئن ته هو هڪ اهم عهدي تي آهي ته سندس ان ٽوئيٽ کي اهم سمجهي سگهجي ٿو. ان سان گڏوگڏ ٻيا ماڻهو به آهن جيڪي اهڙا ٽوئيٽ ڪري رهيا آهن. ان تحريڪ انصاف جي لابنگ ظاهر ٿي رهي آهي. چيو پيو وڃي آمريڪا ۽ برطانيا مان به اهم پيغام اچي سگهي ٿو. برطانوي سفير آءِ ايم ايف بابت چيو آهي ته صورتحال ڏکي رهي ته آءِ ايم ايف قرض ڏکيا ٿي ويندا. برطانيا ۽ آمريڪا ۾ ان حوالي سان لابي سرگرم آهي جنهن ۾ ڪو شق ناهي. ذلفي بخاري لنڊن ۾ ويهي پنهنجي لاڳاپن جي بنياد تي لابنگ ڪندو آهي. آمريڪا ۾ به هتان ويل ماڻهن لابنگ ڪندا رهيا آهن. وٽن ناڻي جي کوٽ به ناهي. ان جو نتيجو اهو نڪري سگهي ٿو ته ٽرمپ جو ٽويٽ به اچي وڃي ٿي سگهي ٿو ته عهدو سنڀالڻ کانپوءِ ٽويٽ ڪري. ٿي سگهي ٿو ته پنهنجي ان خاص ايلچي کي پاڪستان موڪلي ته اوهان عمران خان لاءِ ڪوشش ڪريو. مختلف آپشنز ٿي سگهن ٿا پر ڇا رياست وٽ ڪي ڪارڊ نه آهن؟ ٽرمپ جي چونڊ مهم دوران ئي لابند ڪئي وئي هئي جنهن ۾ فنڊنگ ۾ انويسٽمينٽ ٿي هئي. ٽرمپ انتظاميا عمران خان لاءِ ڪجهه ڪري ٿي ته ان ۾ حيراني نه هوندي پر جيڪڏهن ڪجهه نه ڪندي ته اها حيراني جي ڳالهه هوندي. ٻئي پاسي حڪومت جي موقف ۾ گهٽتائي نظر اچي ٿي. هڪ پاسي پي ٽي آءِ آمريڪا کي پنهنجي حڪومت جي خاتمي جو ذميوار قرارڏيندا رهيا هئا هاڻي هو آمريڪا ڏانهن واجهائي رهيا آهن، اهو پي ٽي آءِ حامين کي سمجهه ۾ نه ايندو ڇو ته پي ٽي آءِ جو موقف ئي ايترو مضبوط آهي جو هو نه سمجهندا. پي ٽي آءِ جا حامي عمران خان جي آزادي چاهين ٿا ۽ اهو ئي موقف سوشل ميڊيا تي وڪامي رهيو آهي. پر کائن ڪو سوال ناهي ڪري رهيو ته هن وقت تائين ته ڪجهه ناهي ٿيو. پي ٽي آءِ هڪ وڏي سياسي حقيقت آهي ان سان ڳالهيون ڪرڻيون پونديون. ٻئي پاسي جيڪي اجلاس ٿي رهيا آهن انهن مان ائين لڳي ٿو ته پي ٽي آءِ سان رعايت نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.