راولپنڊي(م ڊ) خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور کي عمران خان سان ملاقات جي اجازت نه ڏني وئي، علي امين گنڊاپور کي اڊيالا جيل ٻاهران روڪيو ويو ۽ پروٽوڪول سميت گيٽ نمبر 5 ٻاهران پهتو بعد ۾ جيل عملدارن کيس ٻڌايو ته ملاقات جي حوالي سان ڪا به ڄاڻ ناهي، جنهن بعد وڏو وزير گورکپور روانو ٿي ويو.
-
ڪرم ۾ 68 ڏينهن کان روڊ بند، کاڌ خوراڪ، دوائن ۽ تيل جي کوٽ
پشاور(م ڊ) خيبرپختونخواهه جي ضلعي ڪرم ۾ امن امان جي صورتحال سبب پاراچنار ٽل مين روڊ گذريل 68 ڏينهن کان هر قسم جي ٽريفڪ لاءِ بند آهي، جنهن سبب رهواسي پريشان آهن، جڏهن ته اپر ڪرم ڏانهن هر قسم جي سامان جي فراهمي معطل آهي. خوراڪ جي کوٽ جو خدشو وڌي ويو آهي، دوائن ۽ تيل سميت مختلف شين جو اسٽاڪ ختم ٿي ويو آهي، اسپتال ذريعن موجب خيبرپختونخواهه حڪومت صرف مليريا ۽ خارش جون دوائون فراهم ڪيون، اسپتالن ۾ سهولتن ۽ دوائن جي عدم دستيابي سبب فوتگين جو خطرو وڌي ويو آهي، نمونيا سبب 3 ٻارڙا اسپتال ۾ فوت ٿي ويا.