لاڙڪاڻو (رپورٽر) لاڙڪاڻي ڀرسان رحمان پبلڪ اسڪول ڳوٺ نئون ٺارو وڌو تعلقو ميرو خان ۾ ثقافتي ڏهاڙي جي حوالي سان تقريب ٿي.
زاهد حسين تنيو جي نگراني هيٺ ٿيل پروگرام ۾ سنڌ جي ثقافت کي اجاڳر ڪرڻ لاءِ شاگردن ٽيبلوز پيش ڪيا ۽ تقريريون ڪيون، بهترين پرفارمنس تي شاگردن ۾ ميڊل ورهايا ويا، جڏهن ته مهمانن کي اجرڪن جا تحفا پڻ پيش ڪيا ويا.
تقريب کي خطاب ڪندي مقررن چيو ته سنڌ هزارين سال پراڻي ثقافت جو وجود رکي ٿي، اجرڪ ۽ ٽوپي سنڌ جو شان آهي، ثقافت ذريعي قوم ۽ ملڪ جي عڪاسي ٿئي ٿي.
You might also like