ماسڪو(م ڊ) شام جي اڳوڻي صدر بشار الاسد جو حڪومت جو تختو اونڌو ٿيڻ ۽ ملڪ مان فرار ٿيڻ کانپوءِ پهريون مبينا بيان سامهون آيو آهي، جنهن ۾ سندس چوڻ آهي ته هو 8 ڊسمبر جي رات تائين شام ۾ ئي هو، روسي فوجي اڏي تي ڊرون حملن سبب هو شام کان روس منتقل ٿيا، هن چيو ته مون ڪڏهن به ذاتي مفاد لاءِ ڪنهن به عهدي جي گهر ناهي ڪئي ۽ رياست جي حفاظت، ادارن جي دفاع ۽ پنهنجي چونڊ کي برقرار رکڻ جي عوام جي صلاحيت تي يقين رکان ٿو. هن وڌيڪ چيو ته ملڪ هاڻي دهشتگردن جي هٿ ۾ آهي، جڏهن رياست دهشتگردن جي هٿ ۾ اچي وڃي ۽ بامقصد ڪردار ادا ڪرڻ جي صلاحيت ختم ٿي وڃي ته ان پوءِ عهدي تي رهڻ جو ڪو به مقصد نه هوندو آهي.
-
مدرسا بل تي ڳالهين لاءِ ايم ڪيو ايم جو جي يو آءِ سان رابطو
اسلام آباد(م ڊ) مخالف ڌر جي جماعت جميعت علماءِ اسلام (ف) ۽ حڪمران اتحاد ايم ڪيو ايم وچ ۾ رابطو ٿي ويو آهي، جنهن ۾ مولانا فضل الرحمان سان ملاقات جو وقت طئي ڪيو ويو، ايم ڪيو ايم وفد جي اڳواڻي سنڌ جو گورنر ڪامران ٽيسوري ڪندو، ذريعن موجب ملاقات ۾ ديني مدرسن جي رجسٽريشن بل سميت ٻين قومي ۽ پارلياماني معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي.
-
عمران جو مستقبل پرامن پي ٽي آءِ ۾ ئي آهي:ناصر شاهه
ڪراچي(رپورٽر)توانائي ۽ منصوبابندي واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته خان صاحب جو مستقبل پرامن پاڪستان تحريڪ انصاف ۾ ئي آهي، عمران خان کي گٿا لفظ، بدتميزي ۽ ڪردار ڪشي واري سياست کي تبديل ڪرڻو پوندو. هن چيو ته ڪي پي ڪي جو وڏو وزير پنهنجي صوبي جي مسئلن تي ڌيان ڏئي، پي ٽي آءِ کي 2029 جي چونڊن جو انتظار ڪرڻو پوندو. ناصر شاهه چيو ته ڪابه تبديلي غور هيٺ ناهي، گورنر پنهنجو ڪم ڪري رهيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار سيد ناصر حسين شاهه جي ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ان کان اڳ وزير توانائي سيد ناصر شاهه پرائيويٽ بيوٽي سيلون اينڊ ووڪيشنل انسٽيٽيوٽ جي سرٽيفڪيٽ ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. چيئرمين بلاول ڀٽو ۽ آصفه ڀٽو جي هدايت تي سنڌ حڪومت مفت قرض پروگرام شروع ڪري رهي آهي. هن چيو ته ڳوٺاڻن علائقن ۾ SRSO تحت 12 لک کان وڌيڪ عورتون استعيفيٰ حاصل ڪري رهيون آهن. عورتن لاءِ تربيتي پروگرام جاري آهن، عورتن کي مهارت ڏيڻ سڄي نسل جي مستقبل لاءِ فائديمند آهي.
عالمي ڪتاب ميلي جي پڄاڻي، لکين شهرين جي شرڪت
ڪراچي ( رپورٽر ) ايڪسپو سينٽر ۾ جاري پنجن ڏھاڙن وارو 19هون عالمي ڪتابن جو ميلو ڪاميابيءَ سان پنهنجي پڄاڻيءَ تي پهتو. 12 ڊسمبر کان 16 ڊسمبر تائين جاري رهندڙ هن ڪتاب ميلي ۾لڳ ڀڳ 800 کان وڌيڪ اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جي شاگردن، چين، سنگاپور، ملائيشيا ۽ نيپال کان آيل ماڻھن سميت 5 لک 50 هزار کان وڌيڪ ماڻهن شرڪت ڪئي. ميلي جي آخري ڏينهن تي پبلشرن پاران ڪتابن تي 50 کان 70 سيڪڙو رعايت ڏني وئي. سنڌ جي گورنر ڪامران ٽسوري عالمي ڪتاب ميلو جي 19 سالن کان جاري ھئڻ ۽ ان کي ڪراچي جي سڃاڻپ بڻائڻ جي حوالي سان ڪنوينر وقار متين خان لاءِ تمغه امتياز ڏيڻ جو اعلان ڪيو. اختتامي تقريب ۾ ڪمشنر ڪراچي سيد حسن نقوي به شرڪت ڪئي، جنهن ڪتاب جو ميلو منعقد ڪرڻ تي منتظمين ۽ ڪنوينر وقار متين کي مبارڪباد ڏني. ان موقعي تي ڪوآرڊينيٽر طحٰه جمال ۽ شيخ عالمگير يوسف کي گلن جا گلدستا ڏنا ويا، سندن جي خدمتن کي ساراهيو ويو. وقار متين پنهنجي تقرير ۾ چيو ته هن سال شهرين جي شرڪت جا سمورا رڪارڊ ٽٽي ويا، ايندڙ ڪتاب جي ميلي ۾ ثقافتي ۽ شاعريءَ جا پروگرام پڻ شامل ڪيا ويندا، جڏھن تھ اديبن جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه جو انتظام به ڪيو ويندو