زاهد ميراڻي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ مختلف شهرن ۾ مظاهرا

ڪراچي (نمائندن وٽان ) ڪراچي جي گلشن حديد جي علائقي ۾ افغاني دھشتگردن ھٿان بي دردي سان قتل ٿيل سنڌي نوجوان  پورھيت زاھد ميراڻي جي قتل خلاف ينگ ملاح اتحاد طرفان نوابشاهه پريس ڪلب آڏو جھانگير ملاح،نعمت الله ملاح،امير حيدر ملاح،شاھنواز ملاح، اڳواڻي ۾ نوابشاهه پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ،  گھارو ۾ملاح فورم جي اڳواڻ ڪريم ميراڻي،جسقم جي اڳوڻ پير اياز جيلاني،جسم جي رياض ناهيو، پير بخش ملاح،حنيف ملاح سميت ملاح برادري ۽ سول سوسائٽي پاران احتجاجي  مظاھرو ڪري ريلي ڪڍي شهرجو گشت ڪرڻ بعد اسٽيل ٽائون پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي، مظاهرين جو چوڻ ھو ته 6 ڏينهن گذرڻ باوجود قاتلن جي عدم گرفتاري پوليس جي نااهلي جو چٽو ثبوت آهي. هنن چيو ته هڪ هفتو گذرڻ باوجود قاتلن کي گرفتار ڪرڻ ۾ پوليس مڪمل طور تي ناڪام رهي آهي جيڪا اسٽيل ٽائون پوليس جي منھن تي چماٽ آھي ۽ پوليس جو ونگاري شهيد زاهد جي خاندان لاءِ انتهائي ڏکوئيندڙ آهي. هوڏانهن نوشهروفيروز ۾ شاگرد يونين سٿ پاران خالد راڄپر، صابر سومرو، ماجد راڄپر، نثار شاهه ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نيشنل پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي ميڊيا سان ڳالھائيندي خالد راڄپر صابر سومرو، ماجد راڄپر، نثار شاهه، عبدالڪريم راڄپر ۽ ٻين چيو ته فورن زاھد ميراڻي جا قاتل گرفتارڪيا وڃن ۽ ڪراچي مان افغاني ڀاڳوڙن کي نيڪالي ڏئي  سنڌي ماڻھن کي تحفظ ڏنو وڃي ته جيئن غريب ماڻھو روزگار ڪري سگھن، قاتل ايترا ته بااثر آھن جو پوليس به انھن اڳيان بيوس بڻيل آھي جلد قاتل گرفتار ڪيا وڃن ٻي صورت ۾ سموري سنڌ اندر شاگرد جدوجھد تحريڪ ھلائي ويندي.هوڏانهن گمبٽ جي فقيرآباد ملھار خاصخيلي ۾ جسقم پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.احتجاجي جي اڳواڻيءَ جسقم اڳواڻ زاهد خان شنباڻي،مرتضي خاصخيلي،سعيد سنڌي،شڪيل خاصخيلي ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا، ٻئي پاسي ميهڙ ۾ به شهرين پاران مظاهرو ڪيو ويو .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.