دادو ۾عوامي مسئلن جي حل لاءِ ڪيترائي ڪلاڪ ڌرڻو،پوليس سان ڳالهيون ناڪام

دادو(ڊ ر ) دادو عوامي فورم پاران پنهنجن مطالبن جي مڃتا لاءِ علانيل ڌرڻو جاري ايس ايس پي دادو ڌرڻي واري هنڌ ڳالهين لاءِ پهتو ڌرڻي ۾ شامل اڳواڻن پاران ڌرڻو جاري رکڻ جو اعلان ڪيو ويو، ڳالهيون ناڪام ٿيڻ جي صورت ۾ ايس ايس پي دادو واپس ٿي ويو جڏهن ته صبح جو 10 وڳي کان دادو عوامي فورم جنهن جي قيادت چيئرمين دادو عوامي فورم عاشق حسين زئنور ڪري رهيو هو، دادو شهر ويجهو انڊس هاءِ وي تي ٻرڙا شاخ وٽ بضد دادو عوامي فورم جي اڳواڻن چيئرمين عاشق حسين زئنور، گلڻ ڀنڊ، محبوب لنڊ، وريام سنڌي، خادم حسين چانڊيو، ڊاڪٽر عبدالجبار ٻٻر، وڪيل عبدالرئوف ميمڻ، ضمير ڪوريجو، غلام حسين لنڊ، نبي بخش هاليپوٽو، آفتاب احمد پنهور، سرائي اڪبر پنهور، آفتاب احمد ڳورڙ، نور محمد جويو، ٻي طرف سماجي اڳواڻ روزينا جتوئي، مجيده جمالي، رخسانه ملاح، دادو بار جو جنرل سيڪريٽري مفيد ناريجو، ايڊوڪيٽ پير هني، ايڊوڪيٽ ٻانڌي سولنگي سميت ماڻهن جو وڏو انگ ڌرڻي ۾ شامل ٿي ويو، ان موقعي تي ڌرڻي واري هنڌ عاشق حسين زئنور ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جو پر امن احتجاج آهي ۽ جيسيتائين اسان جا جائز مطالبا مڃان ويندا تيستائين احتجاجي ڌرڻو جاري رکيو ويندو، هن چيو ته صرف اسان جا دادو جي عوامي مفادن لاءِ 3 مطالبا آهن انهن مطالبن ۾ دادو جي پراڻي سول اسپتال کي ساڳئي صورت ۾ بحال ڪرڻ، نئين ڊي ايڇ ڪيو اسپتال ۾ مقرر ٿيل راشي ۽ بدعنوان ميڊيڪل سپريٽينڊنٽ ڊاڪٽر امجد حسين مستوئي کي ايم ايس جي عهدي تان هٽائڻ ۽ ڊي ايڇ ڪيو اسپتال ۾ سفارشي نان ٽيڪنيڪل نوجوانن جون ٿيل ڀرتيون رد ڪرڻ شامل آهن، ڌرڻي واري هنڌ اسسٽنٽ ڪمشنر دادو سميع الله وڳڻ ڊپٽي ڪمشنر دادو پاران مظاهرين سان ڳالهين لاءِ پهتو هو پر مظاهرين ڊپٽي ڪمشنر دادو مختيار علي ابڙو سان ڳالهين جو مطالبو هن جي اڳيان رکيو، جڏهن ته ايس ايس پي دادو ڪئپٽن (ر) امير سعود مگسي پوليس اٽالا ساڻ ڪري مظاهرين سان ڳالهين لاءِ پهتو ، ڳالهين بعد مظاهرين ڌرڻو ختم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ ڪيترائي ڪلاڪ انڊس هاءِ وي بند رکيو ويو جنهن ڪري انڊس هاءِ وي سان ايندڙ ويندڙ ٽرئفڪ معطل رهي ،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.