اسلام آباد(م ڊ) بچاءَ واري وزير خواجا آصف پي ٽي آءِ سان ڳالهين واري عمل کي مذاق قرار ڏيندي چيو آهي ته پي ٽي آءِ طرفان اسان کي ڪوبه پيغام نه مليو آهي، هن وقت تائين ڪنهن به رابطو ناهي ڪيو، پهريان پي ٽي آءِ رابطو ڪندي پوءِ جواب ڏيڻ جي پوزيشن ۾ هونداسين، حڪومت سان ڳالهين جي شروعات عمران خان کي ڪرڻ گهرجي، هن چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت ۾ هڪ وزير جي بيان سان پي آءِ اي جو حشر ۽ نقصان ٿيو، اهو دور پي آءِ اي جي زوال جو دور هو، اميد آهي ته پي آءِ اي منافعي واري ايئر لائن بڻجي ويندي.