صدر کي مهيني بعد مدرسا بل تي اعتراض ياد آيو؟فضل الرحمان

اسلام آباد(م ڊ)جي يو آءِ جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته صدر مدرسا رجسٽريشن بل منظوري ٿيڻ بعد ڪو اعتراض نه اٿاريو،اڄ مهيني ڏيڍ بعد هن کي اعتراض ياد آيو،مفتي منيب الرحمان ۽ ٻين عالمن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته اسان هن سان ڪو  جهيڙو نه پيا ڪريون،هو اسان جو ڀاءُ آهي،بل تڪراري ناهي،اسان جي نظر ۾ اهو بل ايڪٽ بڻجي چڪو آهي،ان جونوٽيفڪيشن جاري ڪيو وڃي،اسان ايوان صدر کان پڇا ڪريون ٿا ته گزٽ نوٽيفڪيشن جاري ڇو ناهي ٿيو؟اسان ڪنهن به ڄار ۾ ڦاسڻ نٿا چاهيون،اسان پنهنجو پيغام موڪلي ڇڏيو آهي،قانوني پارلياماني رستي ذريعي معاملو حل ڪرڻ چاهيون ٿا، دٻاءُ نه پيا وجهون،پنهنجي موقف تي قائم آهيون،منفي ڳالهيون نٿا ڪرڻ چاهيون نه ته ميدان به هوندو ۽ اسان به هونداسين،مدرسن کي پريشان نه ڪيو وڃي مفتي منيب چيو ته عالمي حالتن جو اسان کي به ادراڪ آهي،اسان کان وڌيڪ ڪو محب وطن ناهي،هن ملڪ ۾ امن سلامتي چاهيون ٿا،حالتن کي بگاڙڻ ڪنهن جي به مفاد ۾ ناهي،اهل اقتدار کي ان پيغام کي هاڪاري وٺڻ گهرجي،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.