عمران خان جو حامي رچرڊ گرينل ٽرمپ جو صدارتي ايلچي مقرر

واشنگٽن(م ڊ) نئين چونڊيل آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي اڳوڻي انٽيليجنس سربراهه ۽ پرڏيهي پاليسي جي ماهر  رچرڊ گرينل کي خاص مشن لاءِ صدارتي نمائندو مقرر ڪري ڇڏيو آهي، رچرڊ گرينل کي عمران خان جي حمايتين ۾ شمار ڪيو ويندو آهي ۽ هو پاڻ به ڪيترائي ڀيرا اڊيالا جيل ۾ عمران خان جي نظربندي خلاف ايڪس تي آواز اٿاري چڪو آهي، 26 نومبر تي هن لکيو ته پاڪستان کي ڏسو. ٽرمپ ٽرمپ ليڊر ڪوڙن الزامن ۾ جيل ۾ آهي،  گرينل جي مقرري تي پي ٽي آءِ وارا خوشي جو اظهار ڪري رهيا آهن، ميري لينڊ جي صدر وقار خان کيس مخاطب ٿيندي چيو ته توهان وٽ ايتري طاقت ۽ وسيلا آهن جو عمران خان کي آزاد ڪرائي سگهو ٿا، پي ٽي آءِ اڳواڻ عاطف خان چيو آهي ته گرينل پاڪستان ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان بابت ٽرمپ جي ٽيم جو سڀ کان وڌيڪ ڄاڻو شخص آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.