سکر/پنوعاقل (نمائندن وٽان )عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي اڳواڻ ايڊووڪيٽ سچل ڀٽي، راڻو خان ڪنڊاڻي، زمان ڪلوڙ ۽ ٻين اڳواڻن ڏهرڪي، پنو عاقل، چڪ ڳوٺ سميت سکر صلعي جي مختلف ڳوٺن جو دورو ڪري، علائقي واسين کي ريلي ۾ شرڪت جي دعوت ڏني. ڊاڪٽر وسند ٿري طرفان ڏهرڪي ۾ "درياءَ بچايو سنڌ بچايو” جي عنوان سان شاعرن، ۽ سياسي سماجي اڳواڻن جي مچ ڪچهري منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري وفد سميت شرڪت ڪئي. ايڊووڪيٽ وسند ٿري سکر پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس پڻ ڪئي، ان موقعي تي ڳالهائيندي هن چيو ته ڇهه نون ڪينالن، سنڌو درياءَ تي لڳندڙ ڌاڙن، سنڌ جي زمينن تي قبضن، وڌندڙ لاقانونيت، ڌاڙيل راڄ ۽ عورتن سان ٿيندڙ ظلم خلاف 22 ڊسمبر تي سکر ۾ زبردست ريلي ڪئي ويندي. وسند ٿري چيو ته حڪومت صحافين کي هراسان ڪرڻ بدران ڌاڙيلن ۽ دهشتگردن خلاف جنگ ڪري، صحافين مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪري بدترين آمريت مڙهي وئي آهي. هن مطالبو ڪيو ته صحافين مٿان پيڪا آرڊيننس تحت داخل ڪوڙا ڪيس ختم ڪيا وڃن، شهيد صحافي جان محمد مهر ۽ شهيد نصرالله گڏاڻي جي قاتلن کي فوري طور گرفتار ڪري عبرتناڪ سزا ڏني وڃي.