احمدپور ويجهو گم ٿيل نينگر جو واهه مان لاش هٿ

احمدپور (رپورٽ: مختيار علي ميتلو) احمد پور لڳ ڳوٺ تلو ڀانڊو مان 3 ڏينهن اڳ پراسرار نموني گم ٿي ويل 5 سالن جي نينگر جو ڳوٺ ڀرسان لاش مليو. نينگر مصباح ميتلو جو لالڻ واھ مان لاش هٿ آيو.  ڳوٺاڻن نينگر جو لاش واھ مان ٻاهر ڪڍي گهر پهچايو ته ڪهرام مچي ويو. نينگر جي پيءُ آصف ميتلو جو چوڻ هو ته 3 ڏينهن اڳ معصوم پٽ راند ڪندي گهر کان ٻاهر نڪري گم ٿي ويو هو جڏهن ته نينگر جي گمشدگي جو اطلاع احمدپور پوليس کي به ڏنو ويو هو پر هاڻي سندس لاش مليو آهي، هن چيو ته اسان جي ڪنهن دشمني ناهي، جاچ ڪري انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.