آصفه ڀٽو زرداري ۽ فريال ٽالپر نوابشاھه ۾ پوليو مھم جو افتتاح ڪري ڇڏيو

نوابشاهھ ( ن ع آ ) ميمبر قومي اسيمبلي آصفه ڀٽو زرداري ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي ليڊيز ونگ جي مرڪزي صدر فريال ٽالپر نواب شاھ ۾ پوليو  مھم جو افتتاح ڪري ڇڏيو، ضلعي شھيد بينظيرآباد ۾ 5 سالن کان گھٽ عمر وارن 4 لک 20 ھزار کان وڌيڪ ٻارن کي پوليو ھا قطرا پياريا ويندا، جڏھن ته ان موقعي تي ممبر قومي اسيمبلي آصفه ڀٽو زرداري ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پياريا ۽ سٺي ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ پوليو ورڪرن ۾ تحفا ورهايا، ان موقعي تي ايم پي اي غلام قادر چانڊيو، ٽائون چيئرمين سيد عاطف حسين زيدي، ضلعي صدر سالم زرداري، سٽي صدر خان بھادر ڀٽي، چيئرمين اولڊ نواب شاھ حيات ڪاڪيپوٽو، انفارميشن سيڪريٽري راشد چانڊيو، ميئر قاضي رشيد ڀٽي، ڊپٽي ميئر مبشر آرائين، منظور گجر، ڊپٽي ڪمشنر شهريار گل ميمڻ، ھيلٿ آفيسر اسدالله ڏاھري ۽ ٻيا ساڻس گڏ هئا، جڏھن ته ان موقعي تي سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس ٽوئيٽر ذريعي آصفه ڀٽو زرداري پيغام ڏنو ته ڪرڪ ۽ بنون ۾ پوليو ٽيمن تي حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيان ٿي، ھي بزدلاڻيون ڪارروائيون ھيلٿ ورڪر ۽ سيڪورٽي اھلڪارن جي خلاف آھن،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.