سنڌو مان ڪئنال ڪڍڻ آئين جي ڀڃڪڙي آهي: لياقت جتوئي

ميهڙ ( ن ع آ ) اڳوڻي وڏي وزير ۽ جي ڊي اي اڳواڻ لياقت علي جتوئي چيو آھي ته سنڌو مان ڪئنال ڪڍڻ آئين جي خلاف ورزي آهي سنڌ  جي ماڻهن پاڪستان کي ٺاهيو ، ملڪ ٺاهيندڙ سان اهڙو ورتاءُ رکڻ انتهائي غلط آهي ڪئنال ٺاهي پاڻي معاهدن جي ڀڃڪڙي پئي ٿئي ، اهڙو اظهار هن ڊاڪٽر علام عباس مهيسر ، ڊاڪٽر ذيشان ، ڊاڪٽر روزينا عباس مھيسر پاران نئون شروع ڪيل ميڊيڪل سينٽر جي افتتاحي تقريب بعد صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو ھن چيو ته  1942 آئين مطابق ٿيل گڏجاڻي ۽ قراداد ۾ واضع آهي ته سنڌو تي ڪو به ڪئنال نه نڪرندو ، پاڪستان جي ٺهڻ کان پوءِ به پاڻي بابت واضع آهي ته سنڌو تي سنڌين جو حق آهي 1991ع وري ٺاهه مطابق سنڌ کي 10 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي ڪوٽڙي کان هيٺ موڪليو ويندو اگر ائين نه ٿيو ته سنڌ جا 4 ضلع مڪمل طور تباهه ۽ سمنڊ جي هيٺ اچي ويندا 6 ڪئنال ڪڍڻ سان سنڌ کي پاڻي نه ملندو ھن چيو ته سنڌ پاڪستان کي ٺاهيو آهي ان سان اهڙو ورتاءُ واجب ناهي اسان ڪئنال ڪڍڻ خلاف مزاحمت ڪنداسين ھن چيو ته موجوده حڪومت فارم 47 جي پيداوار آهن هن اسيمبلي کي اسان مڃون ئي نه پيا هي هٿ ٺوڪيا آهن اسان کي ڄاڻي واڻي هارايو ويو .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.