ادبي ميلن ۾ ظاهر ٿيل دانشوراڻي ۽ عوامي نقطئه نظر مان فائدو وٺڻ جي ضرورت

ڪنهن به رياست ۽ حُڪومت جي اصولي ۽ جمهوري طور تي، اها خوشنصيبي سمجهڻ گهرجي ته ان کي رياست، حڪومت ۽ حڪمرانن توڙي انهن جي ڪارڪردگي بابت هڪ غير جانبداراڻو ۽ عوامي نقطئه نظر ملي پوي پوءِ ان جي شڪل ڪهڙي به هجي. عوامي احتجاج هجن، سيمينار ۽ ڪانفرنسون هجن يا ادبي ميلا اهي ڪنهن به رياست، حڪومت ۽ حڪمرانن کي هڪ غير جانبداراڻو ۽ عوامي نقطئه نظر ملڻ جا سونهري موقعا هجن ٿا جن مان رياستن، حڪومتن ۽ حڪمرانن کي لاڀ ماڻڻ گهرجي پر بدقسمتي سان هتي اهڙي ڪا روايت ناهي نه ته حڪمران وقت ڪڍي انهن ادبي ميلن ۾ جيڪر صرف ”مبصر“ طور شرڪت ڪن ۽ ڏسن ته رياست، حڪومت ۽ حڪمرانن بابت ڪهڙو غير جانبداراڻو ۽ عوامي نقطئه نظر موجود آهي ۽ پوءِ جيڪر ان کي رياست ۽ حڪومت پنهنجي پاليسي جو حصو بڻائي واقعي به جمهوري رياست ۽ حڪومت جو عملي جامو بڻائي ڏيکاري. پر اهڙو رويو ان رياست، حڪومت ۽ حڪمرانن جو ٿي سگهي ٿو جيڪي واقعي به رياست ۽ حڪومت کي عوام جي نبض تي هٿ رکي هلائڻ جو جذبو رکندا هجن،عوام جي نمائندگي جو اونو رکندا هجن ۽ جن جي سوچ نج جمهوري هجي. ٻيو ته اهو تڏهن ممڪن آهي جڏهن اهڙي سوچ وارا ماڻهو رياستن ۽ حڪومتن کي هلائڻ وارا هجن پر الميو اهو آهي ته هتي حڪمراني جو تصور بادشاهن ۽ آقائن وارو رهيو آهي هتي عوام جي خدمت جو نه پر مٿن حڪمراني ڪرڻ جو رويو  رهيو آهي.

انهيءَ مائينڊ سيٽ کي تبديل ڪرڻ لاءِ ملڪ جي دانشور ۽ سوچيندڙ طبقي جي جدوجهد صدين کان هلندڙ آهي. تاريخ جي آئيني ۾  ڏسجي ته ڪڏهن ڪڏهن ۽ ڪٿي انهيءَ جدوجهد سبب سٺين رياستن، حڪومتن ۽ حڪمرانن جي جهلڪ به نظر آئي آهي پر حڪمراني ۽ طاقت جو هڪ پنهنجو خراب نشو هجي ٿو سو غالب ئي پسڻ ۾ آيو آهي تنهن ڪري فڪري ۽ نظرياتي جدوجهد جي اڃان به ضرورت آهي. اڃان به ائين چوڻ گهرجي ته ان جي جيڏي اڄ گهرج آهي شايد ئي ماضي ۾ ايڏي هجي. اهوئي ڪارڻ آهي جو عوامي، نظرياتي، انقلابي ۽ جمهوري سوچ رکندڙ ماڻهو هر دور وانگر موجوده دور ۾ به پنهنجي وت وس آهر هر ممڪن ڪوشش ڪري رهيا آهن، ۽ هاڻي عالم اهو آهي ته ڪانفرنسن ۽ سيمينارن کان به ڳالهه وڌي وئي آهي ۽ انهن محسوس ڪيو آهي ته سماج جي تبديلي لاءِ عوامي ميلن جي پليٽ فارم کي به استعمال ڪجي جتي تفريح  مهيا ڪئي ويندي هئي تن کي سوچڻ، سمجهڻ ۽ سمجهائڻ جو ذريعو بڻايو وڃي ۽ انهن عوامي ميلن کي سماج جي تبديلي جو ڪارج بڻايو وڃي جنهن جو سفر باقاعدگي سان ۽ ڪاميابي سان شروع ٿي چڪو آهي.

اسان جهڙن ترقي پذير ۽ پٺتي پيل سماجن ۾ سڌي ريت تبديلي بدران ائين ئي اڻ سڌي نموني تبديلي آندي ويندي آهي. سنڌ ۾ ته خاص ڪري هر دور ۾ اديبن ئي ادب جي نالي ۾ گهڻو ڪجهه ٻيو به ڪري ڏيکاريو آهي. سنڌ اندر سياسي جماعتن به ايڏي تبديلي نه آندي آهي جيڏي اديبن آندي آهي. اسان وٽ  ته اديبن ئي سياسي ۽ آدرشي جماعتون ٺاهيون آهن. اسان جيڪڏهن ٻيو ڪجهه نه ڪيون رڳو ڀٽائي جو ڏينهن ئي ملهايون ٿا ته ان ۾ سڀ سياسي ۽ عوامي محاذ شامل وڃن ٿا. سنڌ ۾ ڪيڏي به آمريت هجي ، گهُٽ ۽ ٻوسٽ هجي اسان ادبي، صوفياڻي ۽ سر سنگيت جي محاذن تان انهن جو توڙ ڪڍڻ جي  فن ڄاڻون ٿا.

سو اڄ جيڪي ادبي ميلا ٿين ٿا تن کي صرف ادبي ميلن تائين محدود نه سمجهڻ گهرجن پر انهن ادبي ميلن کي پنهنجي مضبوط پچ تي کيڏڻ جي هڪ پاليسي سمجهڻ گهرجي. انهن ادبي ميلن ۾ جيڪي مختلف سيشن رکيا ويندا آهن تن ۾ مجموعي سماجي جوهر شامل هوندو آهي. انهن ۾ هر قسم جا سماجي، سياسي، تاريخي، معاشي، زرعي، موسمياتي پاڻي وغيره جا مسئلا به هوندا آهن ته انهن شعبن سان لاڳاپيل ماهر به انهن سيشن ۾ شامل ٿيندا آهن جيڪي انهن مسئلن جا ڪلاڪ اندر حل به ٻڌائي ڇڏيندا آهن جيڪي 70 سالن کان رياست حل نه ڪري سگهي آهي. انهن ادبي ميلن مان عام ماڻهن کي جيڪو شعور ملي ٿو تنهن جو اندازو نٿو ڪري سگهجي.

انهن ميلن جي شعور جو جيڪيڏهن ڪا ڌر فائدو نه ٿي وٺي يا ان جي فائدي کان محروم رهي ٿي ته اها ڌر رياست، حڪومت ۽ حڪمرانن واري ڌر آهي جنهن جي ڀلائي ۾ اهو آهي ته اهي انهن ادبي ميلن مان جيڪر فيضاب ٿين ۽ پنهنجي اصلاح ڪن ٻي صورت ۾ اصلاح بنا ڪير به اڳتي وڌي نه ٿو سگهي.بهتري جي گنجائش هر شعبي ۾ هوندي آهي، نت نوان چئلينج هر شعبي ۾ هوندا آهن انهن کي منهن ڏيڻ لاءِ جديد رستن ۽ طريقن تي هلڻو پوندو آهي. انهن نت نون لاڙن ۽ طريقن تي نظر رکڻ ۽ سوچڻ وارا ٻيا هوندا آهن. اوهان کي ڀلي رياستون ۽ حڪومتون هلائڻ جو تجربو هجي پر انهن جو جائزو اوهان پاڻ نٿا ڪري سگهو، اهو ڪم تجزئي نگارن جو هوندو آهي جيڪي تقابلي جائزو وٺي اڳتي جو رستو ڏيکاريندا آهن. رياست ڇا آهي، حڪومت ڇا آهي، حڪمراني ڇا ٿيندي آهي، رياست ۽ سماج، حڪومت ۽ عوام جو ڳانڍاپو ڪيئن ممڪن آهي تنهن جو جائزو ڪٿي به ڪيو وڃي ته رياستي ۽ حڪومتي ڌرين کي ٻڌڻ گهرجي جيڪڏهن اهي نه ٿا ٻڌن، نٿا ٻڌڻ چاهين ۽ غير جمهوري طريقي سان اڳتي وڌندا ته پنهنجو ئي نقصان ڪندا. تنهن ڪري اسان سماج ۽ رياست جي سڀني ڌرين کي وينتي ڪنداسين ته اهي جيڪڏهن ملڪ، عوام ۽ جمهوريت جي مفاد ۾ قسم کڻي ان لاءِ ڪجهه ڪرڻ گهرن ٿا ۽ ان جي ئي پگهار وٺن ٿا ته پوءِ کين پنهنجي اصلاح جا رستا کولڻا پوندا ايئن سماج جي ٻين سڀني ڌرين کي پڻ ان احساس وچان پنهنجي پنهنجي اصلاح جي مليل موقعن مان فائدو وٺڻ جو سوچڻ گهرجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.