سنڌ جا مسئلا ايترا وڌي ويا آھن جيڪڏھن گڏيل سگهاري جدوجهد نه ٿي ته نه سنڌ بچندي نه سنڌي بچندا قومون پنهنجي بقا خاطر ڪي اصول جوڙينديون آھن جن تي ڪڏھن به سودي بازي ناهن ڪنديون مثال جيڪڏهن ڪا قوم پنهنجي وطن جون سرحدون کولي ڇڏي ته سموري دنيا مان ماڻھو ايترا اچي ويندا جو اها قوم خود اقليت ۾ تبديل ٿي ويندي ۽ اها قوم ان وطن جي وارثي واري دعوا وڃائي ويهندي.
جيڪڏھن ڪا قوم پنهنجي وسيلن جي مالڪي نٿي ڪري ۽ پنهنجي بقا خاطر سياسي حڪمت عمليون سائنسي بنيادن تي نٿي جوڙي ته اها دنيا کان گهڻو پوئتي رهجي ويندي ۽ بک ڏڪار غربت سبب ختم ٿي ويندي. ڀلي ڪيتري تعداد ۾ ڇونه هجي ايئن ئي سنڌي قوم تباھي جي طرف تيزي سان وڌي پئي. ڀلي منهنجي ڳالهه تي ڪو اتفاق نه به ڪري پر حقيقت اها ئي آھي ته اسان پنهنجي وسيلن جي وارثي قومي بقا واري مسئلي تي سُست ڪاهل ٿي پيا آھيون سنڌ جي ليڊر شپ ۾ يا ته وقت سر فيصلن جي قوت ناهي يا حڪمرانن جي حضوري ۾ لڪير جا فقير بڻيل آھن وطن جي بقا لاءِ سگهاري جدوجهد جو گڏيل اعلان نٿا ڪري سگهن ان سُستي سبب پارٽيون يا ليڊر شپ پنهنجي ساک وڃائي ويهنديون آھن ۽ ڪارڪن به بي عمل بڻجي ويندا آھن ان وقت حڪمرانن طرفان نوازيل پارٽين، ليڊرن طرفان ان وطن پرست بي اثر ٿيلن کي وڌيڪ بي اثر ڪرڻ لاءِ ڪوڙي بي بنياد پروپيگنڊا شروع ڪئي ويندي آھي
هن وقت بلڪل ايئن آھي مذھب کي هٿيار طور استعمال ڪري قوم پرستن خلاف ڪفر جون فتوائن جو سلسلو جاري آھي جنهن کي هر جدوجهد ۾ ڪوڙي پروپيگنڊا رنڊڪ بڻجي ٿي ۽ اسان ان تي ڌيان ڏيڻ بجاءِ پارٽي بازي گروھ بندي جهنڊا بازي ليڊر بازي نعري بازي مان نڪري ايمانداري سچائي بهادري ۽ سھپ سان گڏجي سنڌ کي پهنجو وطن سمجهي ان جي بقا واري مسئلي تي گڏيل جدوجهد نٿا ڪريون تنهن ڪري بي اثر آھيون
گڏيل جدوجهد ڪنداسين تڏھن بچي سگهون ٿا خوشحالي توڙي آزادي ماڻي سگهون ٿا اها آزادي ڪرپٽ ۽ ڊڪٽيٽر شپ واري نظام کان هجي، اها آزادي سياسي هجي يا قومي هجي، اها حاصل ڪري سگهجي ٿي پارٽيون اقتدار حاصل ڪرڻ لاءِ به اتحاد جوڙي اهو مقصد حاصل ڪنديون آھن پر اقتدار کان وڌيڪ عظيم ڪم وطن جي بقا وارو اتحاد آھي ان ڪري قومي بقا ۽ وسيلن جي وارثي لاءِ سنڌ ۾ جملي قومي پارٽين، ليڊرن کي اڻ ٽٽ اتحاد جوڙڻو پوندو
حقيقت اها آھي ته جن قومن آزادي ۽ خوشحالي لاءِ جدوجهد ڪئي آھي انهن پنهنجي مايوس قوم کي به حوصلو ڏنو آھي هن وقت سنڌي قوم ڊگهو عرصو غلام رهڻ ڪري مايوس آھي سُست ۽ ڪاھل آھي
بي اثر جدوجهدن جي ڪري بيوسي کي مقدر سمجهي ماٺ ڪري ويهي رهي آھي
سنڌ ۾ مسلسل ڌاري آباد ڪاري انگريز دور کان شروع ٿي ۽ اڄ تائين جاري آھي سنڌي ان عمل خلاف به سنجيدگي سان تحريڪ ناهن هلائي سگهيا جنهن ڪري تيزيءَ سان اقليت ۾ تبديل ٿي رهيا آھيون ڌارين کي ايتري ته سرڪاري سرپرستي حاصل آھي جو اهي ڌاريا سنڌ ۾ منشيات فروشي، زمينن تي قبضا ماڻھو مارڻ کي عام سمجهن ٿا ڌرتي ڌڻين کي ڌاريا هر روز قتل ڪندا رهن ٿا ان تي سڀئي قانون لاڳو ڪندڙ ادارا چُپ آھن پر جيڪڏھن سنڌين هٿان پنهنجو دفاع ڪندي ڪنهن ڌاري کي نقصان پهچايو ته سڄي گهر ڀاتين تي ڪيس داخل ڪري سخت سزائون ڏنيون وڃن ٿيون.
ٻيو 1986 ۾ ايم آر ڊي تحريڪ به ڪامياب وئي وري پوءِ ويجھي تاريخ ۾ جڏھن پيپلزپارٽي سنڌ ۾ ٻٽو بلدياتي نظام آندو ان خلاف به گڏيل جدوجهد ٿي ان ڪري پيپلز پارٽي سرڪار اهو نظام واپس ورتو
ان کان پوءِ سنڌ ۾ ڌارين کي آباد ڪرڻ لاءِ نوَن شھرن ذوالفقار آباد، بحريا ٽائون، ڊي ايڇ اي سٽي، ٺاهڻ جو سلسلو شروع ٿيو ۽ اهي شھر اڏجن پيا انهن خلاف منظم گڏيل جدوجهد نه ٿي ان ڪري اهو سلسلو رڪجي نه سگهيو ان شھرن جي ٺھڻ سان تمام گهڻو نقصان ٿيو آھي ۽ ٿيندو.
سنڌين جا قديمي ڳوٺ ڊاهي پٽ ڪيا ويا آھن. جبل ڪٽيا ويا آھن. ڪينجهر مان گهڻو پاڻي کڻي ان شھرن کي ڏنو ٿو وڃي جنهن ڪري ٺٽي سجاول جي زراعت کي نقصان پهتو آھي ۽ ان شھرن ۾ ڌارين جي آبادڪاري جي ڪري صوبائي ۽ قومي سيٽن تي ڌاريا چونڊجي اچن پيا. ان ڪري سنڌي جي حق حڪمراني کي خطرو آھي مون اڳي به پنهنجي مضمونن ۾ اهو ذڪري ڪيو آھي ته ٻئي ڪنهن صوبي جي اسيمبلي ناهي جتي ٻئي صوبي مان ايندڙ صوبائي ۽ قومي اسيمبلين ۾ چونڊجي اچن پر اهو سنڌ ۾ عام جام ٿي ويو آھي.
ٻيو مسئلو هن وقت گرين پاڪستان جي نالي تي سنڌين کان زمينون کسيون پيون وڃن ۽ اهي عسڪري اداري جي حوالي ڪيون پيون وڃن. پنجاب ۾ 85 لک ايڪڙ زمين آباد ڪرڻ لاءِ سنڌو درياھ مان ڏاڍ جي بنياد تي 6 ڪئنال ڪڍيا پيا وڃن ان ڪئنالن جي نڪرڻ کان پوءِ سنڌ مڪمل طور ڀڙڀانگ ٿي ويندي گڊو بئراج کان هيٺ پاڻي نه ايندو سنڌو درياھ تي غيرقانوني ڪئنال جوڙيا پيا وڃن پنجاب پنهنجي 85 لک ايڪڙ زمين جيڪا صدين کان آباد ناهي رهي ان کي آباد ڪرڻ لاءِ اهي ڪئنال ڪڍي پيو ان عمل سان ماحولياتي تباهي کي جنم ڏيندو. سنڌ تباھ ڪرڻ لاءِ اسان جو آباد ۽ شاداب وطن جيڪو ٽن بئراجن گڊو سکر ۽ ڪوٽڙي جي ذريعي آباد ٿئي ٿو ان جي ڪمانڊ ايريا ختم ڪرڻ لاءِ پنجاب چا بهار ۽ ٻيا ڪئنال ٺاهي پيو سنڌ جي ماڻھن کي ان تباهي خلاف گڏيل سگهاري جدوجهد ڪرڻي پوندي جيڪڏھن اها سگهاري جدوجهد نٿا ڪري سگهون ته پوءِ شايد دنيا جي گولي تي سنڌي قوم پنهنجي سُڃاڻپ وڃائي ويهندي ان ڪري سڀني کي پنهنجي انا کي ختم ڪري سوچڻو پوندو گڏ ويهڻو.پوندو هڪ ٻئي کي برداشت ڪرڻو پوندو تڏھن سنڌ بچندي.
سنڌ جا مسئلا ايترا وڌي ويا آھن جيڪڏھن گڏيل سگهاري جدوجهد نه ٿي ته نه سنڌ بچندي نه سنڌي بچندا قومون پنهنجي بقا خاطر ڪي اصول جوڙينديون آھن جن تي ڪڏھن به سودي بازي ناهن ڪنديون مثال جيڪڏهن ڪا قوم پنهنجي وطن جون سرحدون کولي ڇڏي ته سموري دنيا مان ماڻھو ايترا اچي ويندا جو اها قوم خود اقليت ۾ تبديل ٿي ويندي ۽ اها قوم ان وطن جي وارثي واري دعوا وڃائي ويهندي.جيڪڏھن ڪا قوم پنهنجي وسيلن جي مالڪي نٿي ڪري ۽ پنهنجي بقا خاطر سياسي حڪمت عمليون سائنسي بنيادن تي نٿي جوڙي ته اها دنيا کان گهڻو پوئتي رهجي ويندي ۽ بک ڏڪار غربت سبب ختم ٿي ويندي.