سنڌوءَ جي بايو ڊائورسٽي ڇو ضروري آهي؟

تحرير: محمد احسان لغاري

علم، سائنس، ٽيڪنالاجي، ’ماحول، موسمي ڦيرگهير ۽ پائيدار ترقي‘ جي شعبن ۾ ڪيترن ئي نون اصطلاحن، وصفن ۽ سائنسي وضاحتن کي آندو آهي. ڇاڪاڻ ته اسان وٽ علمي ۽ سائنسي تحقيق /ڪتابن جي ٻولي انگريزيءَ آهي، ان ڪري انهن نون اصطلاحن جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري ان کي عام فهم ڪرڻ جي ڪوشش ليکڪ اڪثر ڪندا آهن. ڪوبه نئون اصطلاح پنهنجي بنيادي وصف سان جيستائين وسيع علمي شعور جو حصو يا عام سمجهه وارو لفظ نٿو ٿئي، تيستائين اِهو ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي ته ڪنهن به اصطلاح جي ڪهڙي معنيٰ کي (سنڌيءَ ۾) پنهنجو ڪيو وڃي. ان لاءِ ضروري آهي ته سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو،سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ، سنڌي ادبي بورڊ، يونيورسٽين ۾ سنڌي ٻوليءَ جا شعبا ۽ اهڙا ٻيا ڪي لاڳاپيل ادارا ڪنهن گهاڙيٽي تحت نون سائنسي ۽ علمي اصطلاحن کي ”معياري سنڌيءَ“ ۾ مروج ڪن. بايو لاجيڪل ڊائورسٽيءَ مان مختصر ٿيل”بايو ڊائورسٽي“ لفظ جو اشتقاق بايو واڌو ڊائورسٽي يعني حياتي (سان لاڳاپيل) واڌو رنگارنگي (مختلف قسمن ۽ غير مشابهي شيون) جي معنيٰ وڃي جيوــ فرق يا حياتياتي فرق (وارو علم) ٿيندي، پر لفظ بايو ڊائورسٽي ان کان وڌيڪ گهرو ۽ گوناگون آهي، ان ڪري ان لفظ کي ايئن ئي رهڻ ڏيون ٿا ۽ بايو ڊائورسٽي ئي سڏيون ٿا. بايو ڊائورسٽيءَ جي وصف  جِين کان وٺي ماحولياتي نظام/ايڪو سسٽم تائين زندگيءَ جي مختلف قسمن کي پنهنجي اندر سمائي ٿي، ۽  زندگي کي قائم رکندڙ ۽ اڳتي وڌائيندڙ ارتقائي، ماحولياتي ۽ ثقافتي عملن تي ٻڌل آهي.

جڏهن دريائن کي بند ٻڌي، انهن تي ڊئم ٺاهي، انهن جي اُٿل وارن واهڙن کي ڪٽي، سيراب ٿيندڙ ڍنڍن، ڍورن ۽ ڪنبن کان ڏور ڪري، سندن ڇوڙ واري علائقي/ڊيلٽا کي سُڪائي ۽ سمنڊ کي سڏ ڪري، هزارن صدين جي حساب کي ڪنڊائتو ڪري، پنهنجي انساني مطلب کي اڳيان رکندي شينهن درياهن کي هلايو ويندو ته ان جا نقصان ڪجهه صدين جي انساني فائدي کان تمام وڌيڪ ثابت ٿيندا. موسمي ڦيرگهير، تازي (مٺي) پاڻي جي وڌندڙ اڻاٺ ۽ ڪِرندڙ معيار هاڻ سائنسي سچ سان گڏ رڙيون ڪري رهيا آهن ته شايد حاصل ڪيل فائدي کان وڌيڪ اسان وڃايو آهي. هاڻ جنهن وقت سڄي سنڌ جي ڪُنڊ ڪُڙڇ مان نون اسڪيمن، ڪئنالن، پاڻيءَ سان لاڳاپيل قانون سازين خلاف هڪ بُلند ۽ چِٽو آواز اُٿيل آهي، جنهن ۾ سنڌ حڪومت، مخالف ڌر، اسيمبلي کان ٻاهر ويٺل پارٽيون ۽ سڀئي سڄاڻ ڌريون، سول سوسائٽي، ادب ۽ تنظيمي لڏو، صحافي، شاگرد ۽ عام عوام هڪ ٿي بيٺل آهي، تن کي شايد سنڌوءَ سان گڏ عام سنڌ جي صحت ۽ چڱ ڀلائي سان ڪيتري ويساهه گهاتي ڪئي وئي آهي، ان جي ڪٿ شايد ڪنهن وٽ نه هجي! هن وقت سنڌ جون رڙيون صرف ان اڻپوري پاڻي کي وڌيڪ کاٽ نه هڻڻ لاءِ آهن، اڃان ته سنڌوءَ جي بايو ڊائيورسٽيءَ لاءِ گُھربل مقداري ۽ معياري پاڻيءَ جي ڳالهه تمام گهڻي پري آهي!

سامونڊي چاڙهه کي روڪڻ ۽ ماحولياتي وهڪري لاءِ جيڪو پاڻي 1991ع جي پيرا ستين تحت ملڻ گهرجي ها، اُهو اڄ تائين نه مليوآهي. پوين ٽيٽيهن سالن ۾، هر ايندڙ سال سنڌوءَ جو پاڻي ڊيلٽا تائين اڳ کان گهٽ پهتو آهي ۽ پاڻيءَ جو مقدار ڪِرندو رهيو آهي. سنڌوءَ جي پاڻي ۾ گدلاڻ، مٿان کان پاڪستان مان جتان جتان گذري ٿو، ان ۾ داخل ڪئي وڃي ٿي. ان سان گڏ سنڌوءَ ۾ ڪِرندڙ ٻين دريائن ۾ پڻ پليدي ۽ زهريلي گدلاڻ وڌي رهي آهي. اهو سڀ ڪجهه دريائي بايو ڊائيورسٽي لاءِ گهٽو ڏيڻ جي برابر آهي. ان سان گڏ سنڌ جو تقريباً هر شهر ۽ ٻهراڙي درياءَ ۽ واهن جي پاڻي کي پيئڻ لاءِ استعمال ڪري ٿو ۽ ان طريقي سان، خاص ڪري سنڌ جي ٻهراڙي جي صحت، پاڻي جي ڪريل صحت جي ڪري اڃان پُٺتي پوندي ٿي وڃي.

2005 ۾ ٽي تحقيقون ٿيون، جن جي وسيلي ان ڳالهه جو فيصلو ٿيڻو هو ته ڪوٽڙي بئراج کان هيٺ گهٽ ۾ گهٽ ڪيترو پاڻي ڇڏجي. پهرين اسٽڊي سامونڊي چاڙهه کي روڪڻ لاءِ پاڻي جو مقدار ، ٻين اسٽڊي/تحقيق ڪوٽڙيءَ کان هيٺ ماحولياتي خدشن کي مُنهن ڏيڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ ڪيترو پاڻي ڇڏڻ گهرجي ۽ ٽين اسٽڊي اِها هئي ته سڀني صوبن جي ماحولياتي خدشن (پاڻيءَ ۽ دريائن) جي حساب سان پاڻي جي (يا ٻين عملن جي) ڪهڙي ضرورت آهي!

انهن تحقيقن جي بنيادن کي ڏسنداسين ته ان ۾ بايو ڊائيورسٽي سان لاڳاپيل خطرن کي پڻ مدِنظر رکيو ويو. اِهو ڪم اڄ کان ويهه سال اڳ ڪيو ويو، پر اڄ تائين عملي طور تي ان ڏس ۾ ڪجهه به نه ڪيو ويو آهي. ڪوٽڙي کان هيٺ پاڻي ڇڏڻ ان لاءِ ضروري آهي ته (تحقيقن مطابق) جيئن لوڻياٺ/ڪلر دريا جي پيٽ، اڪئوفر/جَر جهليندڙ تَهه ، سامونڊيءَ پٽي ۽ ڊيلٽا کي ڪلراٺو يا لوڻياٺو نه ڪري سگهي، يا وڌندڙ ۽ چڙهندڙ لوڻياٺ کي روڪي سگهجي. ٻيو اِهو ته دريا ۽ سامونڊي ميلاپ واري علائقي کي مستحڪم ڪري سگهجي، ٽيون اِهو ته هڪ پائيدار ماحول کي پروان چاڙهجي، ان جي واڌويجهه ڪجي، چوٿون ته ماهيگيريءَ کي اڳتي وڌائجي ۽ ان جي خطرن کي گهٽائجي ۽ پنجون اِهو ته سنڌوءَ جي بيسن/طاس ۾ پڻ لوڻياٺ گهٽائجي. ان پنجن اهم مقصدن سان گڏ ڪچي جي ٻيلن، زراعت (ڪچي جي) ماحول جي گدلاڻ جي روڪ ٿام ۽ پيئڻ جي پاڻيءَ جي بهتري پڻ ڪوٽڙيءَ کان هيٺ پاڻيءَ جي وهڪرن جي تحقيقي مقصدن ۾ شامل هو! اِهي عالمي ماهرن جي پينل جون ڪيل / تصديق ٿيل اسٽڊيون/تحقيقون آهن. انهن تحقيقن جو تت ٻه اهم انگ اکر آهن. هڪ ته پنجن سالن ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ دفعو 25 ملين ايڪڙ فُوٽ (ايم اي ايف) پاڻي ڊيلٽا مان ٿيندو سمنڊ ۾ وڃڻ کپي ته جيئن سامونڊي چاڙهه کي ڪجهه روڪ ٿئي. . يعني هر سال پنج ايم اي ايف پاڻي وڃڻ گهرجي. سمجهڻ گهرجي ته سامونڊي چاڙهه کي ٺلهو پاڻي نه روڪيندو. ان سان گڏ لٽ/سِلٽ جو هئڻ تمام ضروري آهي. جڏهن لٽ وارو پاڻي سمنڊ ۾ ڪِرندوته سامونڊي (کاري) پاڻي کي پوئتي ڌِڪيندو. ان لٽ جي صدين جي وهڪري جي ڪري دنيا جا ڊيلٽا وجود ۾ آيا آهن ۽ سنڌوءَ جو ڊيلٽا وارو علائقو جُڙيو آهي.

جيڪو ٻيو انگ ”ماحولياتي وهڪري“ جي حساب سان آهي، سو روزانو پنج هزار ڪيوسڪ پاڻي ڪوٽڙي کان هيٺ وڃڻ انتهائي ضروري آهي. سال جي 365 ڏينهن ۽ هر ڪلاڪ، منٽ ۽ ر سيڪنڊ ۾ 5000 ڪيوبڪ فوٽ في سيڪنڊ وهڻ گهرجي. ان سڄي سال جي پاڻي کي وهڪري مان مقدار ۾ تبديل ڪنداسين ته ڪُل 3.6 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي ٿيندو. ان کي مڪمل وضاحت سان سمجهائڻ پڻ ضروري آهي ته هي مستقل وهڪرو آهي، جنهن کي ملڪي سطح تي موجود پاڻيءَ مان ڪڍي هيٺ ڇڏڻو آهي. جن سالن ۾ پاڻي جو مقدار تمام گهٽ آهي ته ان کي ان حساب سان گهٽ وڌائي ڪري وهائڻو آهي، بلڪل بند نه ڪرڻو آهي ۽ نه ئي ان 5000 ڪيوسڪ واري مقدار ۾ ڪا گهڻي گهٽتائي ڪرڻي آهي. ان پاڻي تي ڪنهن بئراج يا ان جي ڪنهن واهه، ڪنهن مٿاهين صوبي يا سنڌ صوبي جي ڏاڍي/وڏي ۽ زور ذميدار جو   هڪ ڪيوسڪ جو حق به ناهي! ان پاڻي کي کُليل، نظر ايندڙ ۽ ماحول لاءِ هيٺ ڇڏڻو آهي. ڊيلٽا يا سامونڊ ۾ ويندڙ پاڻي کي اپر رپيرين/مٿاهين وارا حقدار پاڻي جو ذيان ڪوٺيندا آهن. پوءِ وري ڪلڪيوليٽر تي حساب ڪتاب ڪري ٻڌائيندا آهن ته هيتري ملين ڊالرن جو پاڻيء مُفت ۾ ويو! جيڪو ان خيال جو آهي، يا ان خيال سان سهمت آهي، تنهن جي ڊيلٽا سان، ملڪي پائيدار ترقيءَ سان، الله جي پيدا ڪيل دريائي ۽ سامونڊي مخلوق سان، لاڙ سان، سنڌ سان ۽ پاڪستان سان دشمني آهي!

دنيا جا درياهه ڪيترن  ماحولياتي نظامن/ايڪو سسٽم کي برقرار رکڻ جا باعث آهن. پيئڻ جو پاڻي، زراعت، آبپاشي، ماهيگيري، سير و تفريح، مذهبي ۽ ثقافتي رسمون، انهن سان ڳنڍيل انيڪ آدم ۽ غير آدم جي روزي روٽي آهي. ايڏا وڏا فائدا ڏيندڙ درياهن کي انسان پنهنجي مرضيءَ سان واهه وانگيان هلائي ان جي هئيت، ماحولياتي سلامتي ۽ ڪيتري ئي جيوَت کي پوئتي ڌِڪي يا ختم ڪري، پاڻِي واري بايو ڊائيورسٽي کي گهڻو محدود ڪري ڇڏيو آهي. لٽ، پاڻي، معيار، ڍنڍون، ڍورا، انهن ۾ مڇيون، پکي پکڻ، گاهه، ٻوٽا ۽ ان سان لاڳاپيل ڪيئي ٻيا اهم هيبيٽئٽ نه صرف ماحول جي پائيداريءَ لاءِ اڻٽر آهن، پر انهن جي هجڻ سان ئي اِنسان جو مستقبل هن ڌرتيءَ تي محفوظ ٿي سگهي ٿو. جيڪڏهن دنيا جي وڏين ندين جي طاس کي ڏسنداسين ته اُهي هِن ڌرتي جي چاليهه سيڪڙو مٿاڇري تي مشتمل آهن. انهن درياهن جي بايو ڊائيورسٽي جيڪڏهن خراب ڪئي ٿي وڃي ته ان جا اثر ڪيترا نه ڀيانڪ هوندا! ٻوڏن ۽ سوڪڙن کي ڏسجي ۽ ان سان گڏ سامونڊي طوفانن جي نقصانن کي ڳڻجي ته پوين پنجويهن سالن ۾ جيڪو سنڌ کي اقتصادي، سماجي ۽ جاني نقصان ٿيو آهي، ”اُهو سنڌوءَ کي واهه وانگيان هلائي ورتل فائدن کان الاهجي ڪيترو وڌيڪ ٿيندو.” سمجهڻ گهرجي ته ڪوٽڙي کان هيٺ هر حال پاڻي ڇڏڻو آهي، سنڌوءَ ۾ ڪِرندڙ گدلي پاڻي ۽ گند کي روڪڻو آهي. مٿي وڌيڪ واهه ناهن ٺاهڻا، سنڌوءَ جي ڪچي ۽  ان سان سڌي  ۽ اڻ سڌي طرح ڳنڍيل ڍنڍن کي پڻ گدلاڻ کان بچائڻو آهي. ڪنهن وڏي ماڻهو جي ٻنين کي آباد ڪرڻ کان وڌيڪ ڪچي جي ۽ تمر جي ٻيلن کي وڌائڻو آهي. نو آبادياتي نظام جي گِهل ۾ ڪچي جي ڌاڙيلن جي پالنا مان جند ڇڏائڻي آهي! سنڌوءَ کي زندهه رهڻ ڏيڻو آهي، جيئن سنڌ ۽ پاڪستان پائنده رهي سگهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.