ملڪ ۾ نالي ماتر جمهوريت آهي،عوام جو انتهاپسندي ڏانهن لاڙو وڌندو

ڪراچي(رپورٽر)نيشنل پارٽي سان لاڳاپيل سينيٽر جان محمد بليدي ڪالهه ستين سنڌ لٽريچر فيسٽيول ۾ ڳالهائيندي چيو ته ھن ملڪ جي عوام جو اليڪشن تان اعتماد کڄي رھيو آھي اليڪشن جي نالي تي ملڪ کي بدنام ڪيو پيو وڃي،اليڪشن کان بعد ملڪ ۾ جھڙي ريت  اقتدار من پسند ڌرين کي ڏنو ويندو آھي پوءِ عوام ڪنھن جي وس ۾ نه رھندو پوءِ عوام پنھنجو رستو ٺاھيندو ،عوام جمھوريت بدران انتھا پرستي جو رستو اختيار ڪندو. اڳوڻي سينيٽر فرحت الله بابر سيشن ۾ آن لائن خطاب ڪندي چيو ته ملڪ ۾ جمھوريت بس خوبصورت لفظن تائين آھي حقيقت ۾ عوام لاءِ جمھوريت انتھائي ضروري آھي پر ملڪ جي صورتحال اھا آھي جو جمھوري  ادارن کي خطرا لاحق آھن ،جمھوري ادارا فنڪشنل ناھن خطرا ان لاءِآھن جو وفاق جي بنيادي اصولن کي نظر انداز ڪيو پيو وڃي. ماڻھن جي مينڊيٽ کي مڃڻ کان انڪار ڪيو پيو وڃي ،2018 ۽ 2024 ۾ عوام جي مينڊيٽ کي تسليم نه ڪيو ويو ،ھن چيو ته پاڪستان ۾ ھن وقت ٻه رياستون ھلن پيون ھڪ پارليامينٽ آھي پر ٻي ڊي فڪٽو رياست آھي جيڪا طاقت جي بنياد تي فيصلا ڪري رھي آھي اھا عوام جي مينڊيٽ کي تسليم نه پئي ڪري جنھن سبب جمھوريت کي خطرا آھن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.