ڪراچي (رپورٽر ) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته پ پ سدائين سنڌ جي بهتري ۽ عوام جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪيو آهي، ڇنڇر ڏينهن صوبائي اسيمبليءَ جي ميمبرن مخدوم فخر الزمان، محمود عالم ڄاموٽ، لياقت علي آسڪاڻي، سيد امير علي شاهه، ساجد علي ٻانڀن ۽ سنڌ حڪومت جي ترجمان ۽ ميئر سکر ارسلان اسلام شيخ ملاقات ڪئي، وڏي وزير ميمبرن جا مسئلا ٻڌا ۽ سندن حل لاءِ حڪم جاري ڪيا ۽ ھدايت ڏيندي چيو تھ اوھان پنھنجن لاڳاپيل تڪن ۾ پيئڻ جي پاڻي، نيڪال، صحت، تعليم ۽ ٻيا عوامي مسئلا ترجيحي بنياد تي حل ڪيو، وڏي وزير چيو ته روشن مستقبل ڏسڻ لاءِ تعليم واري نظام ۾ هاڪاري سڌارا ڪيا ويا آهن.