عمران خان امن جو راڳ بند ڪري، هٿيار کڻي ٻاهر نڪتاسين ته ڏسجو ڪير ٿو ڀڄي؟ گنڊاپور

پشاور/ ايبٽ آباد (م ڊ) خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور چيو آهي ته عمران خان خدا جي واسطي امن جو راڳ آلاپڻ ڇڏي ڏي، جڏهن هٿيار کڻي ٻاهر نڪتاسين ته ڏيکارينداسين ته ڪير ٿو ڀڄي؟ ايبٽ آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي گنڊاپور چيو ته هاڻي امن جي ڳالهه نه ڪنداسين، امن جي نعري کانسواءِ ٻاهر نڪرنداسين، ۽ اهو ثابت ڪري ڏيکارينداسين ته ڪنهن ۾ ڪيتري همت آهي، هنن چيو ته اڄ اسين فاشزم ۽ فرعونيت سان وڙهي رهيا آهيون، فاشزم پاڪستان جي آئين، قانون، اخلاقيات ۽ انسانيت کي لتاڙ ڪري ڇڏيو آهي، هن چيو ته رياست کي ماءُ جو درجو ڏنو ويو آهي پر رياست قاتل بڻجي پنهنجي عوام کي بغاوت تي مجبور ڪري رهي آهي، خواجا آصف،  عطاءُ تارڙ ۽ ٻيا بيگناهه ماڻهن تي فائرنگ جو دفاع ڪري رهيا آهن، ڪڏهن چون ٿا ته ڪو شهيد نه ٿيو، گوليون نه هليون، ڪڏهن چوندا ته ڪو زخمي ناهي ٿيو، ان کان اڳ پنهنجي وڊيو بيان ۾ چيو ته ڊي چوڪ تي شهيد ٿيلن جي قربانين کي ضايع ٿيڻ نه ڏينداسين، حقيقي آزادي تائين تحريڪ جاري رهندي. فائرنگ ڇو ڪئي ۽ ڪنهن جي حڪم تي؟ حڪومت کي جواب ڏيڻو پوندو، هن دعويٰ ڪئي ته سندس 12 ڪارڪن مارجي ويا ۽ 100 کان وڌيڪ زخمي ٿيا، ميڊيا به دٻاءُ سبب ان معاملي کي ڪوريج نه ڪري رهي آهي، هن چيو ته مان حڪومت کي پيغام موڪلي رهيو آهيان ته اسان جا ڪيترائي ماڻهو گم آهن، اسان کي خدشو آهي ته اسان جا ماڻهن کي ڪٿي ماريو ويو نه هجي، تنهن ڪري اسان جا خدشا ختم ڪيا وڃن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.