عاصم منير خلاف بغاوت جي منصوبابندي ۾ بشريٰ بي بي برابر جي جوابدار

نيو يارڪ (مزمل سهروردي) فيض حميد آرمي چيف بڻجڻ چاهي پيو ۽ عمران خان کيس آرمي چيف بڻائڻ چاهي پيو. عمران خان کي لالچ هئي ته فيض حميد آرمي چيف بڻيو ته هو وزيراعظم بڻجي ويندو. ٻئي پنهنجي پنهنجي مفاد لاءِ گڏجي هلي رهيا هئا. 9 مئي به عاصم منير خلاف بغاوت هو، ان جو بينيفشري فيض حميد بڻجي اڀري ها. 9 مئي هجي يا نومبر وارو احتجاج، اهي ٻئي عاصم منير خلاف سازشون هيون. عمران خان وزيراعظم بڻجي ها ته عاصم منير جي موڪل ڪري فيض حميد کي واپس آڻي ها. ان ڪري ٻئي برابر جا جوابدار آهن ۽ بشريٰ بي بي جيئن ته ان سموري منصوبابندي ۾ شريڪ هئي ان ڪري اها به برابر جي جوابدار آهي. عمران خان جيل ۾ هو ته بشريٰ بي بي ۽ مراد سعيد سان فيض حميد رابطي ۾ هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.