وڌيڪ ڇهه آءِ پي پيز سان معاهدا ختم، 300 ارب رپين جي بچت

اسلام آباد(م ڊ) حڪومت وڌيڪ 6 آءِ پي پيز  کان مهانگي بجلي خريد ڪرڻ جا معاهدا ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو، حڪومتي فيصلي سان وڌيڪ 300 ارب روپين جي بچت ٿيندي.  ذريعن موجب 2 هزار 396 ميگاواٽ جا 6 آءِ پي پيز سان معاهدا ختم ڪيا ويندا، گل احمد انرجي جو 136 ميگاواٽ سان معاهدو ختم ڪيو ويندو. ذريعن ٻڌايو ته ڪيپڪو پاور پروجيڪٽ 1638 ۽ 200 ميگاواٽ، اٽڪ پاور 165 ۽ ڪوه نور انرجي سان 131 ميگاواٽ بجلي جا معاهدا ختم ڪيا ويندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.