رپورٽ موجب رڳو ٺٽي ضلعي جا 223 اسڪول بند هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي ۽ ڪوهستان ۾ پڻ لڳ ڀڳ 20 اسڪولن کي تالا لڳل آهن، اهڙي طرح ڳوٺ ڦوٽو خان ملوڪاڻي جيڪو تعلقي ڄام علي نواز خان، سانگهڙ ضلعي ۾ واقع آهي.تنهن ۾ گذريل سال پرائمري اسڪول منظور ٿيو هو، جنهن جي بلڊنگ پڻ تيار ٿي چڪي آهي پر هن وقت تائين اتي ڪو به استاد مقرر ٿي ناهي سگهيو، ان سلسلي ۾ ڳوٺاڻن تعلقي توڙي ضلعي سطح جي لاڳاپيل آفيسرن کي دانهيو پر اڃا تائين ڪو کڙ تيل ناهي نڪتو، جنهن سبب سوين معصوم ٻارڙن جو مستقبل داءُ تي لڳل آهي. اهي ته هئا چند مختلف شهر جا احوال جڏهن ته مجموعي طور اها صورتحال سڄي سنڌ جي آهي، جيڪا حڪمران ڌر جي ڪوڙين دعوائن کي وائکو ڪري ٿي.
جيڪڏهن اسان سنڌ ۾موجود خانگي اسڪولن جي ڀيٽ سرڪاري اسڪولن سان ڪنداسين ته اسان کي زمين و آسمان جو فرق نظر ايندو، هڪ پاسي خانگي ادارن ۾ محدود وسيلن جي باوجود به بهتر تعليم ۽ هر سهولت ميسر هجي ٿي ته ٻي پاسي سرڪاري بجيٽ ۽ هڪ صوبائي سطح جو ادارو جنهن ۾ لکين ملازم اربين رپيا ماهوار پگهارن جي مد ۾ کڻي رهيا آهن، اهي خانگي اسڪولن جهڙيون شاگردن کي سهولتون مهيا ڪري ڇو نه نٿا ڏين. اها سندن نااهل هجڻ جو چٽو ثبوت آهي. سنڌ سرڪار ڪيترائي اسڪول مختلف سماجي تنظيمن جي حوالي ڪري ڇڏيا آهن، ان حوالي سان سنڌ گريجوئيٽ ايسوسيئشن سرفهرست آهي، اهي سماجي تنظيمون انهن ادارن کي پڻ ڪاميابي سان هلائي رهيون آهن، جيڪي تعليم کاتي جي ملازمن کان هلي نه سگهيا. جيڪي ماڻهو پنهنجي شعبي/اداري ۾ ڪا ڪارڪردگي ڏيکاري نٿا سگهن، ته انهن کي سرڪاري خزاني تي بار بڻائڻ کان بهتر آهي انهن کي ڪنهن ٻئي کاتي جهڙوڪ پوليس، روينيو، صحت ۽ ٻيلو کاتو وغيره ڇو ته ان سان جيڪو قومي نقصان ٿي رهيو آهي ان جو ازالو ڪنهن به صورت ۾ ممڪن ناهي.
سنڌ جي بقا ۽ ترقي رڳو تعليم جي ذيعي ئي ممڪن آهي، ماضي ۾ جيڪي طاقتور ماڻهو سنڌي ماڻهن کي نااهل ۽ اڻپڙهيل هجڻ جو طعنو ڏيندي رهندا هئا ۽ ان ڳالهه کي جواز بڻائي سنڌي ماڻهن کي سرڪاري نوڪرين ۽ ادارن کان ٻاهر رکيو، اڄ انهن جي باقيات سنڌي جي باصلاحيت ۽ گهڻ پڙهيل نوجوانن جي صلاحيتن کان خوفزده آهي. ڇاڪاڻ ته سنڌ جا نوجوان پوري دنيا ۾ پنهنجي خداداد صلاحيت جو ڌاڪو مڃائي چڪا آهن. تعليمي ادارن جي تباهي قومي تباهي جي مترادف آهي. جيڪا اسان ڪڏهن به نه چاهينداسين.
دنيا ۾ اهڙا ڪيترائي ملڪ آهن جتان جو ڪو هڪ به شهري اڻ پڙهيل ناهي، ڇاڪاڻ ته اتي نه رڳو بنيادي تعليم مفت آهي پر يونيورسٽيز سطح تائين به مفت نه سهي پر سستي ضرور آهي، ان لاءِ اهو تعليمي خرچ هر ماڻهو برداشت ڪري سگهندو آهي. جيڪي اعليٰ تعليم حاصل ڪري پنهنجي قوم ۽ وطن جي ترقي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪندا آهن، جنهن جي نتيجي ۾ اهي ملڪ جتان جو ڪوبه شهري تعليمي زيور کان محروم ناهي، انهن ملڪن جو ڳاڻيٽو اڄ دنيا جي ترقي پذير ۽ شاهوڪار ملڪن ۾ ٿئي ٿو.
اسان وٽ وري صورتحال ئي ان جي بنهه ابتڙ آهي، دنيا جا ماڻهو روشني ڏانهن تيزي سان وڌي رهيا آهن ته اسان وري اونداهي طرف ڪاهيندا پيا وڃون. جنهن جو هڪ مثال هيءُ به آهي ته سڌريل ۽ ترقي يافته قومن جا ماڻهو پنهنجي تعليمي ادارن جي بهتري لاءِ لکين رپيا ڊونيٽ ڪندا رهن ٿا، جڏهن ته اسان جي ديس ۾ وري جيڪا نالي ماتر تعليمي بجيٽ رکي ويندي آهي، اها تعليمي سڌاري ۽ وڌاري لاءِ خرچ ڪرڻ جي بدران ان ۾ گهوٻيون هڻي ڪروڙين رپيا ڦٻايا ويندا آهن. ان لاءِ ئي سنڌ جا لکين ٻارڙا بنيادي تعليم کان محروم آهن ۽ اسڪولن جي حالت ته ڏسڻ جهڙي ئي ناهي رهي.
ڪاليجز ۽ يونيورسٽين جا ڳرا خرچ هيٺين ڪلاس جا ماڻهو ته ٺهيو پر وچين ڪلاس جا ماڻهو به برداشت ڪري نٿا سگهن، جنهن سبب ملڪ جو مٿيون طبقو ئي مٿي وڃي رهيو آهي. جنهن سان عام ماڻهن جي حق تلفي ٿيڻ سان گڏ ملڪ ۾طبقاتي فرق پڻ تيزي سان وڌي رهيو آهي، جنهن سان هڪ اهڙي خطرناڪ صورتحال پيدا ٿي رهي آهي جو اسان کي نااهليت، اهليت تي حاوي ٿيندي نظر اچڻ لڳي آهي. جنهن جا نتيجا نهايت ئي ڀيانڪ بڻجي سامهون ايندا.
تعليمي بجيٽ ۾ گهوٻيون، اسڪولن جي حالت نه سڌرڻ ۽ شاگردن کي وقت سر درسي ڪتاب نه ڏيڻ دراصل غريب ۽ بي پهچ ٻارڙن جي تعليمي ميدان ۾ اڳتي وڌڻ جي رستا روڪ ڪرڻ ئي آهي، ڇاڪاڻ ته سرڪاري اسڪولن ۾ اڪثريت غريب والدين جي ٻارڙن جي هوندي آهي، جيڪي وڏن خانگي اسڪولن جو خرچ به برداشت ڪرڻ جي سگهه ساري ناهن سگهندا ۽ سهولتن جي اڻهوند سبب ڇڪي تاڻي وڌ کان وڌ ميٽرڪ تائين پڙهي سگهندا آهن جڏهن ته اڪثر ٻارڙن جو تعليمي سلسلو پرائمري کان ئي ختم ٿي وڃي ٿو. ان صورتحال ۾ سنڌ ڪيئن پڙهندي ۽ ڪيئن اڳتي وڌندي؟