پورهيت زاهد ميراڻي جو قتل، ڌاري آبادڪاري ۽ وقت جي گهُرج

تحرير: شهر بانو

 ڪراچي جي گلشن حديد فيز (2) ۾ اربع بازار نالي تمام وڏي هفتيوار بچت بازار لڳندي  آهي جنهن ۾ گذريل هفتي هڪ خوني واقعو ٿيو آهي. هونئن ته اهو ٻن ماڻهن ۾ اسٽال لڳائڻ تان معمول وارو جهيڙو هو پر هڪ نسلي ۽ لساني پس منظر ۾ هن واقعي جي، ان ڪري خوف ناڪ شڪل اڀري آهي ته سنڌ اندر ڪجهه عرصي کان ڌاري آباد ڪاريءَ خاص ڪري پختونن جا ڌرتي ڌڻين سنڌين کي مارڻ جا واقعا وڌي ويا آهن.

هن واقعي ۾ به زاهد ميراڻي نالي هڪ سنڌي دڪاندار سان پختون دڪاندار اسٽال لڳائڻ تان جهيڙوڪيو، جنهن اصل  ڇرين سان مٿس ايترو وار ڪيو جو کيس اسپتال پهچڻ تائين به موقعو نه مليو ۽ رستي ۾ هن دم ڏئي ڇڏيو.  اها انتهائي حيرت جي ڳالهه آهي ته اهڙين بازارن ۾ سيڪيورٽي طور تي پوليس وين به بيٺل هونديون آهن پر هيڏي وڏي خوني جهيڙي ۾ اها وچ ۾ پئي جهيڙي کي ٽاري نه سگهي جنهن نتيجي ۾ خوني واقعو ٿي ويو.

هن واقعي جو ٻيو اچرج جوڳو پاسو اهو آهي ته واقعي کانپوءِ به پوليس سنڌي دڪاندار زاهد ميراڻي جي پختون قاتل کي موقعي تي گرفتار نه ڪري سگهي ۽ هن واقعي جو ٽيون حيرت جوڳو پاسو اهو آهي ته پختونن جي هڪ هجوم قاتل کي پوليس کان بچائڻ جي مزاحمت ڪئي، پوليس تي حملو ڪيو ۽ قاتل کي فرار ڪرائڻ ۾ ڪامياب ويا. ائين پختونن جي ان مزاحمتي هجوم ان انفرادي واقعي کي نسلي ۽ لساني رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. جيڪا ڪنهن به صورت ۾ نه ڪرڻ گهرجي ها. عام طور تي اهو پوليس جو معمول وارو ڪم هوندو آهي ته اها ملوث جوابدارن کي سوگهو ڪندي آهي ۽ ان ۾ ڪير مداخلت ناهي ڪندو نه ئي هي ڪو سياسي ڪارڪن هو. پر افسوس ته پختونن جي هڪ هجوم پنهنجي ساٿي قاتل کي بچائي واقعي کي نسلي ۽ لساني رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ته هاڻي سنڌي قوم کي  به اهو احساس ستائڻ لڳو آهي ته جيڪڏهن ڌاريا پنهنجن قاتلن کي بچائڻ لاءِ اڳتي اچي سگهن ٿا ته اسان پنهنجي مقتولن جي  قاتلن جي گرفتاري لاءِ ڇو نه اڳتي اچون  ۽ ڇو نه  انصاف، آئين ۽ قانون جي ضمير کي بيدار ڪريون.

هن واقعي کي اسان جيتوڻيڪ نسلي ۽ لساني رنگ ڏيڻ نه ٿا چاهيون پر سنڌ حڪومت کي به ان حوالي سان چوڪس رهڻ گهرجي ته هي ڪيس ان پاسي نه وڃي. يعني هي واقعو نسلي ۽ لساني ڪنهن پلاند ڌانهن نه وڃي پر اهو تڏهن ممڪن آهي جڏهن حڪومت پاڻ ان ڪيس کي هٿ ۾ کڻندي ۽ مقتول جي قتل ڪيس سان انصاف ڪندي ٻي صورت ۾ هي معاملو بگڙي به سگهي ٿو. ڇاڪاڻ ته گذريل ڪجهه سالن کان ڌارين هٿان ڪافي سنڌي ماڻهو مختلف واقعن ۾ مارجي چڪا آهن جن جو سنڌي قوم سخت نوٽيس وٺندي احتجاج به ڪيو آهي ڪڏهن ارشاد رانجهاڻي کي قتل ڪيو ويو آهي، ڪڏهن ڪنهن هوٽل تي بل تان پختونن ڪو سنڌي ماريو آهي پر اهڙن واقعن جو جيڪڏهن ڪنهن نوٽيس ناهي ورتو ته سنڌ حڪومت ئي ناهي ورتو جڏهن ته سنڌي قوم ۽ ان جي نمائندگي ڪندڙ سنڌي قوم پرست جماعتن، سول سوسائٽي، انساني حقن جي تنظيمن ئي ورتو آهي. ۽ انهن محسوس به ڪرايو آهي ته سنڌ ڌرتي تي ڌاري آبادڪاريءَ سنڌين جو هر قسم جو استحصال ڪرڻ کانپوءِ هاڻي انهن کي مارڻ به شروع به ڪيو آهي.

هاڻي افغانين ۽ پختونن جي نمڪ حرامي ۽ دهشت گردي کان ته وفاق به بيزار ٿي چڪو آهي تنهن ڪري وقت اچي ويو آهي ته وفاق سان گڏ سنڌ حڪومت به سنڌ مان ڌاري آبادي جي نيڪالي ۾ وفاق سان گڏ بيهي. سنڌي قوم کي اهو احساس به ستائڻ لڳو آهي ته سنڌ ڌرتي تي سنڌ جي وارثن کي جيڪڏهن ڪنهن بچت بازار ۾ ڌاريا اسٽال به لڳائڻ نه ڏين ۽ ان تي کين ماري به ڇڏين ته پوءِ سمجهڻ گهرجي ته ڌاري آبادڪاري سنڌ ۽ سنڌي قوم لاءِ مڪمل طور تي هاڻي خطرو بڻجي چڪي آهي تنهن ڪري مهل سان اک پٽڻ گهرجي پر اهو ڪم جوش بدران هوش مان قانوني طور ڪرڻ گهرجي.

سنڌي قوم کي ڌاري آبادي جي نيڪالي لاءِ اربع بازار ۾  مارجي ويل سنڌي دڪاندار زاهد ميراڻي جي قتل جو پلاند قانوني طور ڪرڻ گهرجي، قاتل جي گرفتاري لاءِ قانون جون گهرجون پوريون ڪرڻ گهرجن ۽ بس. هن ڪيس کي ڪنهن ريت به نسلي مفاد ۾ رنگ نه ڏيڻ گهرجي. سنڌي ۽ سنڌي قوم جي مفاد ۾ اهو ِئي آهي.     پر ان ۾ اهم ۽ فيصلائتو ڪردار سنڌ حڪومت کي ئي ڪرڻو پوندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.