اسلام آباد (بيورو/ ع آ نيوز) صدر آصف علي زرداري طرفان مدرسا رجسٽريشن سان لاڳاپيل سوسائٽي رجسٽريشن بل تي اعتراض سامهون اچي ويا. ذريعن موجب صدر آصف علي زرداري سوسائٽي رجسٽريشن ايڪٽ تي 8 اعتراض ُٿاريا آهن. صدر اعتراض ڪيو آهي ته بل جي قانون بڻجڻ سان جيڪڏهن مدرسا جيڪڏهن سوسائٽيز ايڪٽ تحت رجسٽر ٿيندا ته ايف اي ٽي ايف ۽ جي ايس پي سميت ٻين پابندين جو خدشو آهي، مدرسن جي رجسٽريشن سوسائٽيز ايڪٽ ذريعي شروع ڪئي وئي ته قانون جي پڪڙ گهٽجي ٿي ۽ پوءِ قانون گهٽ ۽ ڏاڍ وڌيڪ هوندو. اعتراضن ۾ چيو ويو آهي ته سوسائٽي رجسٽريشن ايڪٽ 1860 ۾ ديني تعليم شامل ناهي، جڏهن ته ان ۾ فائن آرٽ تعليم شامل آهي، جنهن ۾ ڊانس ڪلاسز ۽ آرٽ ڪلاسز شامل آهن. صدر جو اعتراض آهي ته جيڪڏهن سوسائٽي رجسٽريشن ۾ ديني تعليم ۽ فائن آرٽ رکيا وڃن ته تڪرار پيدا ٿي سگهي ٿو. صدر خدشو ظاهر ڪيو آهي ته تجويز ڪيل بل جي منظور ٿيڻ سان عالمي سطح تي پابنديون لڳي سگهن ٿيون. هن اسيمبلي ميمبرن کي تجويز ڏني آهي ته مدرسن بابت بل ٺاهڻ وقت عالمي سطح جي معاملن کي ذهن ۾ رکيو وڃي. صدر آصف علي زرداري سوسائٽي رجسٽريشن ايڪٽ تي 8 اعتراض ڪيا آهن. عالمي ادارا پاڪستان بابت پنهنجي راءِ ۽ ريٽنگن ۾ تبديلي آڻي سگهن ٿا. مدرسن جي رجسٽريشن سوسائٽيز ايڪٽ ذريعي شروع ڪئي وئي ته قانون جي پڪڙ گهٽجي سگهي ٿي پوءِ قانون گهٽ ۽ من ماني وڌيڪ هوندي. سوسائٽي ۾ مدرسن جي رجسٽريشن سان مفادن جو ٽڪراءُ ٿيندو، اسان کي عالمي تنقيد کي به منهن ڏيڻو پوندو. مدرسا ايجوڪيشن بورڊ آرڊيننس 2001 ۽ اسلام آباد ڪيپيٽل ٽيريٽوري ٽرسٽ ايڪٽ 2020 جو حوالو ڏيندي چيو ته ٻنهي ايڪٽن جي موجودگي ۾ نئين قانونسازي نٿي ٿي سگهي. مدرسن کي سوسائٽي طور رجسٽر ڪرائڻ سان انهن جو تعليم کانسواءِ به استعمال ڪري سگهجي ٿو، بل جي مختلف شقن ۾ مدرسن جي تعريف ۾ ٽڪراءُ موجود آهي. قانون تحت مدرسن جي رجسٽريشن سان فرقيواريت جي پکيڙ جو خدشو آهي، هڪ ئي سوسائٽي ۾ گهڻن مدرسن سان امن امان جي صورتحال خراب ٿيڻ جو انديشو هوندو. صدر اسيمبلي ميمبرن کي تجويز ڏني ته مدرسن بابت بل ٺاهڻ لاءِ عالمي سطح جي معاملن کي نظر ۾ رکيو وڃي. ذريعن موجب صدر جي اعتراضن تي حڪومت غور شروع ڪري ڇڏيو آهي ۽ مدرسن بابت بل تي وچولو رستو ڪڍڻ جون ڪوششون جاري آهن. ذريعن موجب صدر پاڪستان جي اعتراضن تي حڪومت غور شروع ڪري ڇڏيو آهي ۽ بل تي وچولو رستو ڪڍڻ جون ڪوششون جاري آهن. ياد رهي ته صدر آصف زرداري طرفان مدرسا رجسٽريشن بل تي اعتراض لڳايا ويا آهن ۽ ان حوالي سان جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان حڪومت کي ڊيڊ لائن ڏني هئي.
-
لڳي ٿو ته صدر ٻاهرين دٻاءَ هيٺ آهي: جي يو آءِ ترجمان
اسلام آباد(م ڊ) جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي ترجمان اسلم غوري مدرسا بل تي صدر جي اعتراضن تي رد عمل ڏيندي چيو آهي ته مدرسا بل تي صدر آصف علي زرداري جا اعتراض حيران ڪندڙ آهن، صدر جي اعتراض جو طريقو قانون موجب ناهي، صدر آصف زرداري جا اعتراض آئين ۾ ڏنل مدي اندر نه اٿاريا ويا، ترجمان چيو ته اعتراض قسطن ۾ ڏنا ويا، اعتراض هڪ ڀيرو ڪيا ويا ته ان جو جواب ڏنو ويو، ٻيهر اعتراض جو حق ناهي، اعتراض قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ڏانهن موڪلڻ گهرجن ها، جيڪي هن ڏانهن نه موڪليا ويا، جي يو آءِ (ف) ترجمان چيو ته لڳي ٿو ته صدر ٻاهرين دٻاءَ هيٺ آهي.