لاهور ( بيورو+م ڊ ) 9 مئي تي لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت مسلم ليگ (ن) جي آفيس کي ساڙڻ واري ڪيس ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻن ميان اسلم اقبال، حماد اظهر ۽ مراد سعيد کي شريڪ جوابدار قرار ڏئي ڇڏيو.لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج ارشد جاويد پوليس جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.پوليس موقف اختيار ڪيو ته 9 مئي سانحي جا جوابدار گرفتاري جي خوف کان لڪندا رهيا آهن.عدالت 9 مئي تي مسلم ليگ (ن) جي آفيس ساڙڻ واري ڪيس ۾ ميان اسلم اقبال، حماد اظهر، مراد سعيد، واثق قيوم، زبير خان نيازي، حامد گيلاني ۽ ٻين کي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو. لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جوابدارن جا مستقل گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا.
-
قانون ٺاهيندڙ آهيون پر پگهارون گهٽ آهن؟!: سينٽرن جي شڪايت
اسلام آباد(م ڊ) سينيٽ ۾ ميمبرن جي گهٽ پگهارن جو پڙاڏو ٻڌڻ ۾ آيو، سينيٽر دنيش ڪمار چيو ته اسين قانون ٺاهيندڙ آهيون، جن جي پگهار رڳو هڪ لک 60 هزار رپيا آهي، جڏهن ته نادرا چيئرمين، ڊپٽي چيئرمين ۽ آفيسرن جي پگهار لکن ۾ آهي، انهن جون پگهارون ڇو لڪايون ويون آهن؟ وفاقي وزير نذير تارڙ چيو آهي ته عوام ۾ غلط فهمي پکيڙي وئي آهي ته اسان وڏي پگهار کڻندا آهيون.
-
ڳالهيون شروع نه ٿيون ته سول نافرماني تي عمل ٿيندو: شير افضل مروت
اسلام آباد (م ڊ) پي ٽي آءِ اڳواڻ ۽ قومي اسيمبلي ميمبر شير افضل مروت چيو ته حڪومت سان اڃا ڪي ڳالهيون شروع ناهن ٿيون. نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته 15 ڊسمبر کان اڳ ڳالهيون ٿي وڃن ته ملڪ لاءِ سٺو آهي ڇو ته ملڪ ۾ سياسي عدم استحڪام آهي. 15 ڊسمبر تي عمران خان پرڏيهي ناڻي بابت سڏ ڏنو آهي، حالتون جيئن جو تيئن رهيون ته پوءِ سول نافرماني بابت عمران خان جي حڪمن تي عمل ٿيندو. هن چيو ته اڃا رڳو ڳالهين واري ڪميٽي ٺهي آهي، ڳالهين جو شوشو ڇڏڻ مناسب ناهي، هن وقت پي ٽي آءِ ڪارڪنن جي گهرن ۾ ماتم آهي، ڳالهين جي ڳالهه تي ڪارڪنن کي مايوسي ٿيندي.
-
ڪراچي ۾ رينجرز جي ڪارروائي، وڏي مقدار ۾ ايراني تيل هٿ، 2 جوابدار گرفتار
ڪراچي ( رپورٽر ) پاڪستان رينجرز (سنڌ) ۽ ڪسٽم اختيارين جون اسمگلنگ روڪڻ لاءِ ڪارروايون جاري آهن. پاڪستان رينجرز (سنڌ) ۽ ڪسٽم کاتي ڳجهي اطلاع جي بنياد تي سنڌ, بلوچستان سرحد تي واقع حب چيڪ پوسٽ تي گڏيل ڪارروائي ڪندي 2 جوابدارن کي گرفتار ڪري وڏي مقدار ۾ ايراني ڊيزل سميت نان ڪسٽم سامان هٿ ڪري ورتو. جنهن ۾ ايراني ڊيز، انڊين گٽڪو، ڪپڙو، ٽائر، ڇاليا، سگريٽ، خشڪ کير، ڪوڪنگ آئل، چاڪليٽ، ٽافيون، چائنا لوڻ، روزمره جي استعمال جون شيون ۽ مختلف قسمن جي کاڌ خوراڪ جون شيون هٿ ڪيون ويون. جوابدارن اسمگل ٿيل سامان بسن ۽ ٽرڪن جي خفيه باڪس ۾ لڪائي بلوچستان کان ڪراچي اسمگل ڪري رهيا هئا، برآمد ڪيل سامان جي ماليت ڪروڙين روپين جي آهي. گرفتار جوابدارن ۽ هٿ آيل نان ڪسٽم پيڊ آئٽمز کي وڌيڪ قانوني ڪارروائي لاءِ ڪسٽم اختيارين حوالي ڪيو ويو آهي.
-
نيشنل فارنزڪ ايجنسي قائم ڪرڻ جو بل سينيٽ مان منظور
اسلام آباد(م ڊ) سينيٽ نيشنل فارنزڪ ايجنسي قائم ڪرڻ ۽ ليگل ايڊ اينڊ جسٽس اٿارٽي ترميمي بل منظور ڪري ورتا، جمعي ڏينهن سينيٽ جو اجلاس پريزائيڊنگ آفيسر عرفان صديقي جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ حڪومت جا 2 بل منظور ڪيا ويا، نيشنل فرانزڪ ايجنسي ترميمي بل تحت نيشنل فرانزڪ ايجنسي پروجيڪٽ کي نيشنل فرانزڪ ايجنسي ۾ تبديل ڪري نيشنل فرانزڪ ايجنسي قائم ڪئي ويندي، ايجنسي ريسرچ، فرانزڪ ۽ اسٽيٽ آف دي آرٽ ڊجيٽل فارنزڪ ڊپارٽمينٽ قائم ڪندي جيڪا قومي سلامتي جي مسئلن ۾ مدد ڪندي، سينيٽ ليگل ايڊ اينڊ جسٽس اٿارٽي ترميمي بل به منظور ڪري ورتو آهي، ليگل ايڊ اينڊ جسٽس اٿارٽي انساني حقن واري وزارت کان قانون ۽ انصاف واري وزارت ڏانهن منتقل ڪئي وئي آهي.