سکر(بيورو رپورٽ ) مبينا پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل رضا زنگيجو واري واقعي خلاف ايس يو پي جي سڏ تي رضا زنگيجو جي وارثن پاران سکر پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي وئي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي سڏ تي رضا زنگيجو جي مبينا پوليس مقابلي ۾ مارجي وڃڻ واري واقعي خلاف سکر پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي ان موقعي تي اڳواڻن علي حيدر جتوئي، هادي بخش زنگيجو، عطا حسين زنگيجو ۽ ٻين چيو ته سکر پوليس رضا زنگيجو کي سندس ڀيڻ سان گڏ ڪراچي کان ايندي رستي ۾ بس مان لاهي ڪوڙي پوليس مقابلي ۾ قتل ڪيو آهي، جيڪو عدالتن کان مٿانهون قتل آهي هنن چيو ته پوليس جيڪڏھن جڙتو مقابلن ۾ ماريندي ته پوليس مٿان عوام جو ويساه کڄي ويندو هنن مطالبو ڪيو آهي ته رضا زنگيجو جي قتل واري واقعي جي جاچ لاءِ عدالتي ڪميشن جوڙي ملوث پوليس آفيسرن کي نوڪرين تان فارغ ڪري رضا زنگيجو جي وارثن سان انصاف ڪيو وڃي.