ٺٽو(رپورٽ: منصور جلالاڻي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳوڻي سينيٽر سسئي پليجو چيو آھي ته چولستان منصوبو ڪالاباغ ڊيم کان به خراب ۽ خطرناڪ آھي، سنڌ جي حصي جي پيئڻ جي پاڻي تي ڌاڙو ھڻي سنڌ جون زرخيز ۽ سرسبز زمينون ڀڙڀانگ ۽ بنجر بڻائي چولستان جي لکين ايڪڙ زمين آباد ڪرڻ جي سازش سٽي پئي وڃي، ٺٽي ۾ صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته ايڪنڪ جي اجلاس جي ڪارروائي جا منٽس گم ڪري وفاقي حڪومت زبردستي ڪينال ٺاھڻ واري ھوڏ تي قائم آھي، ھُن پاڪستان جي حڪمرانن کان سوال ڪندي چيو ته ڇا سنڌ جو ماڻھو ھن ملڪ جو شھري ناھي، جو سنڌ جي احتجاج کي نظرانداز ڪري ڪينال ٺاھڻ واري منصوبي تي ڪم ڪيو پيو وڃي. ھن چيو ته سنڌ جا ماڻھو ڪنھن به صورت ۾ سنڌو درياءُ تي لڳندڙ ڌاڙي تي خاموش نه رھندا. ڪينالن جي معاملي تي سنڌ ۾ ڪاوڙ وڌي رھي آھي سنڌ جا ماڻھو باشعور آھن. ھن چيو ته پاڻي زندگي ۽ موت جو مسئلو آھي، مجاز اٿارٽي سي سي آئي آھي، سنڌ جو وڏو وزير ۽ پ پ چيئرمين سميت سنڌ جا گھڻ گھرا ان معاملي تي سراپا احتجاج آھن، سنڌي عوام سنڌو درياءُ تي لڳل ڌاڙي واري فيصلي کي رد ڪري چڪا آھن، ھاڻي انھن کي ھي فيصلو واپس وٺڻ گھرجي. ھن چيو ته وفاق ۾ ويٺل سمورين ڌرين کي سوچڻ گھرجي ته ننڍن صوبن کي به گڏ کڻي ھلڻو آھي، تڪراري منصوبن کي ايڪنڪ جي اجلاس مان منظوري وٺڻ واري سنڌ کي اک ڏيکاري پئي وڃي، ڪالاباغ ڊيم جي. مخالفت ڪرڻ تي سنڌ کي ٽارگيٽ ڪيو پيو وڃي. ھن چيو ته سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ جي خط لکڻ باوجود ڪينالن واري معاملي کي سي سي آئي ۾ نه رکيو ويو آھي.