سنڌو تي ڌاڙن خلاف سڀاڻي مٽياري ۾ ڌرڻو هڻنداسين: صنعان قريشي

ھالا ( ت ر/ پ ر) سنڌو درياءَ مان ڇھ ڪئنال ڪڍڻ خلاف جسقم چيئرمين صنعان قريشي, جسقم مرڪزي انفارميشن  سيڪريٽري ديدار شام، مٽياري ضلعي صدر رشيد ڏيٿو سان گڏ ھالا شهر پھچي ويو. ھالا پھچڻ تي جسقم ڪارڪنن ۽ عام ماڻهن پاران گلن جي ورکا ڪري سندس شاندار استقبال ڪيو ويو. ان موقعي تي جسقم چئيرمين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌو درياءَ مان ڇھ ڪئنال ڪڍڻ واري عمل کي مڪمل طور تي رد ڪيون ٿا. سنڌو درياءَ سنڌ جي ماڻھن جو جياپو آھي. ھن چيو ته سنڌو درياءَ کي بچائڻ ھر سنڌي ماڻھو جي ذميواري آھي اسان سنڌو درياءَ تي ڪوبه ڊيم يا ڪئنال ٺاھڻ قبول نه ڪنداسين. ھن چيو ته سنڌو درياھ مٿان ڪينالن ٺاهڻ جي منظوري ۽ صحيح صدر آصف زرداري ڏني آهي جنهن کي سنڌ ڪڏهن به معاف نه ڪندي، هن چيو ته سنڌ ۾ پيپلزپارٽي جو موقف هڪڙو آهي ته پنجاب ۾ وري ٻيو آهي. هن چيو ته ڪئنال ٺاھڻ جي خلاف پندرهين ڊسمبر تي مٽياري وٽان روڊ تي تاريخي ڌرڻو سخت احتجاج ڪيو ويندو. جسقم چئيرمين چيو ته سنڌ ۾ تمام گهڻي بيروزگاري آھي جنھن جي ڪري ماڻھو ڪراچي ۾ پنھنجي ٻچن لاءِ روزگار ڪرڻ اچن ٿا جتي کين روزگار ته نٿو ملي پر ڌاريا ماڻھو کين قتل ڪري ڇڏين ٿا جنھن جي اسان پرزور لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا ۽ شھيد بشير خان جي پارٽي ھر ان مظلوم سان گڏ آھي جنھن تي ظلم ۽ ڏاڍ ٿئي ٿو. جڏهن ته جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي هالا پراڻا ۾ چاچا حفيظ قريشي جي پونئيرن پٽ قاضي سليم قريشي ۽ ٻين وٽ پهتو، چاچا لطيف قريشي جي مزار تي حاضري ڀري ۽ شهيد عرفان مهدي جي ڀائرن کي مسعود مھدي،وحيد مھدي، پهچي 15 ڊسمبر تي مٽياري کان لڳندڙ ڌرڻي جي دعوت ڏني. ان موقعي تي جسقم چيئرمين کي سنڌ جي ثقافت اجرڪ ۽ لونگين جا تحفا پيش ڪيا ويا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.