فيض حميد چارج شيٽ ٿي وئي ته عمران ڪيئن بچندو:فيصل واوڊا

اسلام آباد(م ڊ)سينيٽر فيصل واوڊا جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ جي باني کي هاڻي فوجي حراست ۾ ورتو وڃي ته ڪا تعجب جي ڳالهه ناهي، فيض حميد تي چارج شيٽ ثابت ٿئي ٿي ته هاڻي ڪو به قانون کان بچي نٿو سگهي.نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي فيصل واوڊا چيو ته سول نافرماني جي ڪال هن ٽرائل سان ڳنڍيل آهي، اهو  ممڪن ناهي ته عمران خان،فيض حميد ۽ بشرا بي بي الڳ الڳ هجن.هن چيو ته بشرا بي بي پي ٽي آءِ جي باني کي قتل ڪرڻ جو عزم ڪيو آهي، باني پي ٽي آءِ کي بچائڻ لاءِ ڳالهائي رهيو هو، ان ڪري مون کي پارٽي مان ڪڍيو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.