گهوٽڪي ڀرسان پراڻي تڪرار تان پوليس جمعدار گوليون هڻي قتل

گهوٽڪي(ن ع آ ) گهوٽڪي جي نيشنل هاءِ وي تي شيلٽن هوٽل ڀرسان هٿياربندن هوٽل تي ويٺل پوليس جمعدار سهراب ٽڳڙ مٿان  فائرنگ ڪري ڏني گوليون لڳڻ سبب هو موقعي تي فوت ٿي ويو جڏهن ته واقعي بعد هٿياربندن آساني سان فرار ٿي ويا.اطلاع تي اي سيڪشن پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کڻائي تعلقيٰ اسپتال گهوٽڪي منتقل ڪرايو.جتان ضروري ڪاروائي بعد مڙه وارثن حوالي ڪيو ويو.پوليس موجب ته واقعي جي جاچ ڪري رهيا آهيون،جلد ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو.هوڏانهن ٻڌايو پيو وڃي ته واقعو پراڻي تڪرار تان پيش آيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.