ڪراچي (رپورٽر) سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ علي خورشيدي چيو آهي ته هو سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ ڪرپشن خلاف ڀرپور احتجاج ڪندا، بهادر آباد ۾ ايم ڪيو ايم جي مرڪز تي پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته جيڪڏهن توهان ڪنهن عام ماڻهو کان پڇو ته پاڪستان جي ڪهڙي پارٽي ڪرپشن ۾ ياد آهي ته هو چوندا پيپلز پارٽي، ڪالهه صدر آصف علي زرداري چيو ته ڪرپشن هڪ برائي آهي ۽ ان جي خاتمي لاءِ احتساب ضروري آهي، پر هتي ڪنهن به کاتي کي ڏسجي ته هر کاتي ۾ ڪرپشن ۽ بدانتظامي آهي، ڪير به صدر جي ڳالهه نه ٿو ٻڌي،