سنڌو درياهه تي 6 ڪئنالن ٺاهڻ وارو منصوبو انتهائي خطرناڪ آهي: سسئي پليجو

مڪلي(رپورٽ: اياز جلالاڻي) اڳوڻي سينيٽر پ پ اڳواڻ سسئي پليجو چيو آھي ته سنڌو درياءُ تي 6 ڪئنالن ٺاهڻ وارو منصوبو  سنڌ لاءِ انتهائي خطرناڪ ۽ سنڌي عوام لاءِ زندگي ۽ موت جو مسئلو آھي جنهن کي رد ڪرڻ لاءِ سنڌ اسيمبلي جا ميمبر فوري طور تي سنڌ اسيمبلي ۾ قرارداد آڻي ڇهن ئي ڪئنالن کي رد ڪرائڻ جو ٺھراءُ اتفاق راءِ سان منظور ڪرائين ۽ قومي اسيمبلي ۾ پڻ ايم اين ايز پاران ڪئنالن خلاف رٿ آڻڻ گهرجي. اهڙو اظھار اڳوڻي سينيٽر سسئي پليجو ڳوٺ پير محمد بروهي ۾ ٺٽي جي سينيئر صحافي محبوب بروهي ۽ آپڪا اڳواڻ تاج حسين بروهي جي والد جي وفات تي عذر خواهي جي موقعي تي ڳالهائيندي ڪيو، هُن وڌيڪ چيو ته سنڌ جي عوام خاص طور تي سمورين پارٽين کي ڪئنالن واري سنگين معاملي تي ڪالاباغ ڊيم جيان گڏيل طور تي منظم تحريڪ هلائڻ گهرجي ۽ سنڌ حڪومت توڙي سنڌ مان چونڊيل ايم پي ايز ۽ ايم اين ايز کي ايوان توڙي وفاق آڏو ڪئنالن کي رد ڪرائڻ لاءِ  پنهنجو موثر ڪردار ۽ آواز اٿارڻ گهرجي،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.