اسلام آباد( جاويد چوڌري) گنڊاپور پنھنجي صوبي اندر ڪم ڪرڻ بجاءِ صرف ۽ صرف عمران خان لاءِ ڪم ڪري رھيوآھي. ڪي پي ۾ امن امان جي صورتحال ھجي يا پٽوار جا مسئلا ھجن ان کي انھن مسئلن طرف ڪو ڌيانناھي . اتي دھشتگرديجا مسئلا آھن پوليس انريسٽ آھي پوليس احتجاج ڪندي رھي ٿي ان جي ڪري وفاق کي بھ اھرڙو ماڻھو موزون لڳي ٿو جنھن جي ڪردار سان حرڪتن سان پي ٽي آئي جي صوبائي حڪومت جي ساک خراب ٿيندي رھي ماضي ۾ جڏھن افغانستان مان حملي آور ايندا ھئا تھ پنجاب وارا انھن جو دھل سان استقبال ڪندا ھئا ۽ انھن کي چوندا ھئا توھان سٺا ماڻھو آھيو اچو تھ توھان کي ٻڌايون تھ ڪٿي ھلي جنگ ڪجي ۽ انھن حملي آورن کي وڃي پاڻي پت ۾ ڇڏي ايندا ھئا ۽ دھلي وارن کي بھ آگاھي ڏئي ڇڏيندا ھئا تھ ھي اڇن ٿا تياري ڪريو. سو رياست بھ ساڳيو ڪم ڪري رھي آھي.اسلام آباد پوليس ھاڻي جيوفينسنگ وسيلي گرفتاريون ڪري رھي آھي جن جن ماڻھن جا موبائل فون ڌرڻي وقت ڌرڻي واري ھنڌ تي آن ھئا انھن جو ڊيٽا ڪڍي کين گھرايو وڃي ٿو ته اھي اتي ڇو موجود ھئا ۽ جيڪو جواب مان مطمئن نه ٿو ڪري يا ان جي موبائل مان فوٽيجز ملن ٿا انھن کي گرفتار ڪيو وڃي ٿو صرف پختون نھ پر پنجابي سنڌي بلوچ به گرفتار ٿيا آھن صرف پختونن واري پروپيگنڊا غلط ڪئي پئي وڃي. شھباز گل آمريڪا ۾ ويھي ڊاڙون ھڻي ٿو ۽ ماڻھن جي بي عزتي ڪندو رھي ٿو. جنرل فيض حميد ھن وقت فوج جي تحويل ۾ آھي ۽ ان کي جي ايڇ ڪيو ۾ ھڪ الڳ ھنڌ تي رکيو ويو آھي ان جو ڪورٽ مارشل ھلي رھيوآھي ۽ ان جو ھڪ وڏو فائيل تيار ٿي ويو آھي.