چيف جسٽس يحيٰ آفريدي پاران ڏورانهن علائقن جا دورا ڪرڻ جو فيصلو

ڪوئيٽا(م ڊ) چيف جسٽس آف پاڪستان يحيٰ آفريدي انصاف جي تيزيءَ سان فراهميءَ جو مشن شروع ڪري ڇڏيو، گوادر ۾ اهم اجلاس ۾ بلوچستان لاءِ ذيلي ڪميٽي جوڙڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، سپريم ڪورٽ طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته چيف جسٽس ضلعي عدليه کي بهتر بڻائڻ ۽ درپيش چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ ذاتي دورا ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، اهڙو اظهار چيف جسٽس گوادر جو دورو ڪيو، جنهن دوران تربت، پنجگور، چاغي ۽ ٻين ضلعن جي ضلعي ۽ سيشن ججن چيف جسٽس سان ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ چيف جسٽس مسئلن جي حل جو يقين ڏياريو، عدالتي آفيسرن جي وقار کي اوليت ڏيڻ جو عزم ورجايو، چيف جسٽس چيو ته سڄي ملڪ جي عدليه جو وقار مجروح ٿيڻ نه ڏنو ويندو، ڏورانهن علائقن جي عدليه تي خاص ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.