توشا خانا ڪيس:عمران ۽ بشريٰ بي بي تي فرد جرم لاڳو نه ٿيو

اسلام آباد ( بيورو+م ڊ ) پي ٽي آءِ باني ۽ بشرا بي بي خلاف 190 ملين پائونڊ ريفرنس جي ٻڌڻي ٿي، جوابدارن 342 سوالن جا جواب  جمع ڪرايا، جڏهن ته توشا خانا ڪيس ۾ اڄ به جوابدارن تي فرد جرم لاڳو نه ٿي سگهيو. پي ٽي آءِ باني ۽ بشرا بي بي خلاف 190 ملين پائونڊ ريفرنس جي ٻڌڻي احتساب عدالت جي جج ناصر جاويد ڪئي، عدالت ٻڌڻي 12 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي، عدالت بشرا بي بي جي پيشي تي گرفتاري وارنٽ رد ڪري ڇڏيا.اڊيالا جيل ۾ پي ٽي آءِ باني ۽ گهرواري خلاف توشا خانا ڪيس جي ٻڌڻي اسپيشل جج سينٽرل شاهه رخ ارجمند ڪئي، عدالت جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ لاءِ ٻڌڻي 12 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي. پي ٽي آءِ جي باني جي گهرواري بشرا بي بي عدالت ۾ پيش ٿي، جنهن تي عدالت سندس گرفتاري وارنٽ رد ڪري ڇڏيا، جوابدار جي درخواست تي ايف آءِ اي کيس رپورٽ پيش ڪئي.پي ٽي آءِ جي باني عمران خان جي گهرواري بشرا بي بي 190 ملين پائونڊ ريفرنس ۽ توشه خانا ڪيس جي ٻڌڻي لاءِ اڊيالا جيل پهتي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.