ڪرم ۾ امن امان جي بحالي لاءِ صوبائي سطح تي نگران ڪميٽي قائم

پشاور ( م ڊ )  صوبائي حڪومت ڪرم ضلعي ۾ امن امان جي بحالي لاءِ نگران ڪميٽي قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. ڪميٽي جي سربراهي اطلاعات واري صلاحڪار پ پ بئريسٽر سيف ڪندو، جڏهن ته صوبائي وزير آفتاب عالم به ڪميٽي جي ميمبرن ۾ شامل هوندو. ڪميٽي ۾ سول انتظاميا ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا اعليٰ آفيسر شامل ڪيا ويا آهن. هن ڪميٽي جو مقصد حڪومتي فيصلن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ آهي. ڪميٽي عملي قدمن ذريعي ضلعي ڪرم ۾ امن امان جي قيام لاءِ موثر قدم کڻندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.