قاضي احمد ( رپورٽ:مومن جوڻو ) اينٽي ڪئنال آبادگار ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي يارنھن ڊسمبر تي نواب شاهھ ۾ اعلانيل احتجاج کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي صدر سيد زين شاهھ قاضي احمد چوڌري ھائوس تي پارٽي اڳواڻن سان گڏجاڻي ڪندي چيو ته وفاق ڏاڍ جي طاقت تي سنڌو مان 6 نوان ڪئنال تعمير ڪرائڻ جو اعلان ڪري سنڌ کي تباهه ڪرڻ جي سازش ڪري رھيو آهي، سنڌ اڳ ۾ ئي پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏئي رهيو آهي، جنهن سبب بدين ٺٽو سميت لاڙ جي پٽي تباھه آهي، وري ڪئنال ٺاھڻ جي رٿا لکين ايڪڙ زمين سنڌ جي تباهھ ڪرڻ ۽ چولستان جي لکين ايڪڙ زمين آباد ڪري سنڌ جي لکين ماڻهن کي بيروگار ۽ تباهه ڪرڻ جو بندوبست ڪيو پيو وڃي، اسان وفاق جي اھڙي ڏاڍ ۽ جبر خلاف جدوجهد ڪري رھيا آھيون، اسين پنهنجي جياپي جي جنگ وڙھي به سنڌو ندي بچائينداسين، سنڌو درياهه ۾ پاڻي ھوندو ته اسان به ھونداسين، ھن وڌيڪ چيو ته سنڌ لاءِ سازشون وفاق ٺھڻ کان وٺي ھلنديون رھن ٿيون اچن، اڳ سائين جي ايم سيد ۽ ڪجھه وطن پرست ماڻهو ھئا اڄ ھزارين لکين گڏجي سنڌ جي حقن لاءِ ويڙھه ڪنداسين ۽ بيداري پروگرام جو سڏ گھر گھر پھچايون ته جيئن جدوجهد سگھاري ٿئي عوامي طاقت ذريعي ڪئنال جو اعلان واپس ڪرائي ساهھ کڻنداسين.