نوشھرو فيروز ( ڊر ) محمد سليم ٻٻر ڳوٺ نوان جتوئي جو نيشنل پريس ڪب اچي دانھيندي ٻڌايو ته مون 3سال پھريان سبب ابڙي جي ڳوٺ مان ذڪريا ابڙي جي ڌي سان شادي ڪئي ھئي مون ان ھڪ ننڊڙو پٽ به آھي 3ڏينھن پھريان 6 ڄڻان نثار ابڙو ،اڪبر ،صدورو، شاھنواز ابڙو 2نامعلوم اچي منھنجي گھر ۾ گھڙي منھنجي گھر واري کي ۽ منھنجي ننڊڙي کي اغوا ڪري ويا آھن، ھاڻي مون کي ڌمڪيون ٿا ڏين ته ڪجهھ به ڪئي تنھنجي پٽ۽ گھر واري کي مارينداسين .
3ڏينھن کان مان ھر ٿاڻي تي وڃان ٿو ڪوبه قدم کڻڻ لاءِ تيار نه آھي.
اڄ مان ايس پي آفيس ويس پس انھن به 5بجا چئي واپس ڪري ڇڏيو مان ايس ااس پي نوشھرو فيروز ۽ وس وارن کي اوي ٿو ڪريان ته مون کي خدا جي واسطي پنھنجي گھر واري ۽ پٽ واپس ڪرائي ڏنو وڃي.