ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ الڳ الڳ واقعن ۾ ڇري جي وار سان نوجوان قتل , 2 لاش ھٿ اچڻ سميت انساني ڍانچو به مليو، جڏهن ته عورت سميت 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا. ميٺادر ٿاڻي جي حد جوڙيا بازار جي علائقي کوڙي گارڊن پارڪ جي ڀرسان نامعلوم ملزم ڇرين جي وار ڪري 25 ورھين جي نوجوان علي بلوچ پٽ نامعلوم کي قتل ڪري واقعي بعد ملزم فرار ٿي ويو، اطلاع ملندي واقعي واري ھنڌ پوليس پھچي مقتول جو لاش پوسٽ مارٽم جي لاءِ سول اسپتال منتقل ڪيو ويو آھي. پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي بابت جاچ شروع ڪري ڏني آهي. لانڍي نمبر 1 جي ڀرسان سنھري مسجد لڳ 50 سالن جي نامعلوم شخص جو لاش مليو. ايڌي ايمبولينس جي ذريعي ويجھي ٿاڻي ۾ ڪارروائي جي بعد ايڌي ھوم سھراب ڳوٺ سرد خاني منتقل ڪيو ويو آهي. ايف بي ايريا بلاڪ 21 الله والا ھوثل جي ڀرسان 45 سالن جي نامعلوم شخص جو لاش مليو.