آزاد ڪشمير حڪومت صدارتي آرڊيننس واپس وٺي ڇڏيو، نوٽيفڪيشن جاري

مظفرآباد ( م ڊ ) آزاد ڪشمير جي حڪومت جلسن جلوسن ۽ ريلين تي پابندي بابت تڪراري صدارتي آرڊيننس واپس  وٺي ڇڏيو آهي. حڪومت طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب صدارتي آرڊيننس جي تحت بنا اجازت جلسن، جلوسن تي پابندي لڳائي وئي هئي پر هاڻ صدارتي آرڊيننس به واپس ورتو ويو آهي. انهي کان علاوه عوامي ايڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته 90 ڏينهن جي اندر ٻين 12 نڪتن تي ٻڌل چارٽر آف ڊيمانڊ تي عمل ڪيو ويندو. واضح رهي ته گذريل ڏينهن آزاد ڪشمير ۾ صدارتي آرڊيننس جي خلاف عوامي ايڪشن ڪميٽي ۽ وزيرن جي ڳالهين واري ڪميٽي وچ ۾ ڳالهيون ناڪام ٿيڻ کان پوءِ عوامي ايڪشن ڪميٽي لانگ مارچ شروع ڪري ڇڏيو هو. آزاد ڪشمير جي حڪومت هڪ مهينو اڳ صدارتي آرڊيننس جي ذريعي احتجاجي جلسا، جلوس ۽ مظاهرن تي پابندي لڳائي هئي، صدارتي آرڊيننس جي ڀڃڪڙي تي 7 سالن تائين قيد جي سزا مقرر ڪئي وئي آهي. 3 ڊسمبر تي آزاد ڪشمير جي سپريم ڪورٽ حڪومت جو تڪراري صدارتي آرڊيننس معطل ڪري ڇڏيو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.