اسلام آباد (م ڊ) قومي اسيمبلي جو اجلاس اڱاري 10 ڊسمبر تي شام 5 وڳي طلب ڪيو ويو. صدر آصف زرداري وزيراعظم شهباز شريف جي صلاح تي قومي اسيمبلي جو اجلاس طلب ڪري ورتو قومي اسيمبلي جي سيڪريٽريٽ پاران اجلاس جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو. اجلاس ۾ ايوان جي معمول جي ايجنڊا تي غور ڪيو ويندو، ديني مدرسن بابت قانون سازي جي معاملي تي به غور ويچار ڪيو ويندو.