پشاور (م ڊ) جمعت علماءِ اسلام مدرسن جي رجسٽريشن واري بل تي اسلام آباد ڏانهن مارچ ملتوي ڪري ڇڏيو. پشاور ۾ اسرائيل مرده باد ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته غزا ۾ 50 هزار جي ويجهو شهيدن ۾ 75 سيڪڙو ٻار ۽ عورتون آهن، آمريڪا اسرائيل کي سپورٽ ڪري رهيو آهي، ڇا کين انساني حقن جي ڳالهه ڪرڻ جو حق آهي؟ آمريڪا ۽ اسرائيل انسانيت جا قاتل آهن، آمريڪا ۽ اولهه دنيا انسانيت جا قاتل آهن. هن چيو ته فلسطيني سرزمين فلسطينين جي آهي، اسان فلسطينين سان گڏ آهيون. مولانا فضل الرحمان چيو ته هنن 26هين ترميم آندي، هي 56 شقن تي ٻڌل ترميم هڪ ڪارو نانگ بڻائي آڻي رهيا هئا، اسان ان ترميم کي 56 مان 34 شقن تي آندو. ججن کي ڪمزور ڪيو ويو. مولانا فضل الرحمان چيو ته مفتي تقي عثماني سان ڳالهه ٻولهه ٿي، ان ۾ طئي ٿيو ته اتحاد مدارس جو اجلاس ٿيندو ۽ سڀني کي اعتماد ۾ وٺي هڪ گڏيل موقف اختيار ڪنداسين، ان کانپوءِ جيڪڏهن سڏ ڏيڻو پيو ته تيار رهو، 16 يا 17 ڊسمبر تي اجلاس ٿيندو. سندس چوڻ هو ته اسان کي ڌمڪيون نه موڪليندا ڪريو، وردي وارو، ايجنسين وارو، اسان کي ڌمڪيون نه موڪليندا ڪريو، ڌمڪين کان اسان ڊڄندا نه آهيون، بگڙندا آهيون. اسان ته صبر جو مظاهرو ڪري رهيا آهيون، جيڪڏهن اسان اچڻ جو فيصلو ڪيو ته توهان جون گوليون ختم ٿي وينديون اسان جا سينا ختم نه ٿيندا. شرافت سان رهندا ته شرافت سان رهنداسين، بدمعاشي ڪندا ته اسان کان وڏو ڪو بدمعاش نه هوندو. مولانا فضل الرحمان چيو ته هنن هاڻي هڪ اٽڪل ڪئي آهي، اسان جي ئي رنگ جي مولوين کي ميڊيا تي آڻي رهيا آهن، توهان عالمن کي وڙهائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيو، اسان عالمن سان نه وڙهنداسين. جي يو آءِ اڳواڻ ضياءُالحمان چيو ته وڏو وزير يونيورسٽين ۾ وڃي چوي ٿو ته مان ڪجهه ناهي پڙهيو، شراب پي ڇوڪرين جي هاسٽل ۾ وڃڻ تي علي امين گنڊاپور کي اين سي اي مان ڪڍيو ويو هو. جي يو آءِ اڳواڻ اسعد محمود چيو ته قيادت جيل ڀريو تحريڪ جو اعلان ڪيو ته لبيڪ چونداسين، جڏهن اسلام آباد وينداسين ته پي ٽي آءِ وارن جيان واپس نه اينداسين. پي ٽي آءِ وارا ٻڌي وٺن ته علي امين گنڊاپور رياست جو ماڻهو آهي، اسلام آباد جي سيڪٽر ڪمانڊر جي اشاري تي اسلام آباد ويو هو، ڪور ڪمانڊر پشاور جي مرضي تي حڪمراني ڪري رهيو آهي. جي يو آءِ جي صوبائي امير مولانا عطاءُالرحمان چيو ته زرداري صاحب هي ته اوهان آهيو، حاڪم علي زرداري به مدرسن تي پابندي نٿو لڳائي سگهي. مرڪزي ڊپٽي سيڪريٽري مولانا امجد جلسي کي خطاب ۾ چيو ته اسان مولانا فضل الرحمان جي اڳواڻي ۾ تيار آهيون. جي يو آءِ سنڌ جي سيڪريٽري جنرل علامه راشد محمود سومري جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته ڪجهه ماڻهو سمجهن ٿا ته اسان سندن غلام آهيون، سندن گولي به جائز، سندن هر ڪم جائز، سندن ڪتا به اسان جي ٽيڪس جي پيسن تي پلجن ٿا. هن چيو ته پاڪستان جا دعويدار رڳو نوڪري جي حد تائين پاڪستان ۾ هوندا آهن، ريٽائرمينٽ کانپوءِ پنهنجي آقائن وٽ هليا وڃن ٿا. آمريڪا جي غلامن کي سبق سيکارڻ جو وقت اچي ويو آهي، اسان انقلاب لاءِ تيار آهيون، ڪارڪن به تيار آهن، رڳو قائد جو اشارو گهرجي. هن چيو ته اسلام آباد ۾ اسان جو راڄ آهي، اهي ممي ڊيڊي هوندا جيڪي ڀڄي ويندا آهن، اسان رت ڏيڻ وارا آهيون، اوهان کي شوق پورو ڪرڻو آهي ته ڪري وٺو اسان تيار آهيون.