فيض حميد خلاف فائل آرمي چيف کي اماڻيو ويو، عمران جا دٻاءُ وجهڻ جا حربا

اسلام آباد (معظم فخر) خبرون آھن ته فيض حميد خلاف ڪورٽ مارشل جي ڪارروائي حتمي مرحلي ۾ آھي ۽ اھا ڪارروائي فيلڊ ڪورٽ مارشل جنرل جي تحت جيڪو ان سموري ڪارروائي کي ھلائيندو آهي جنھن بعد سزا جي توثيق جي لاءِ رپورٽ آرمي چيف کي موڪلي ويندي آهي. ھاڻي خبرون آھن ته فيلڊ ڪورٽ مارشل جنرل پنھنجي رپورٽ سمورين شاھدين، بيانن  تي ٻڌل ھاڻي آرمي چيف کي موڪلي ڇڏي آھي. طريقي ڪار اھو آھي ته آرمي چيف ان رپورٽ  ۽ شاھدين جي روشني ۾ سزا جي توثيق ڪندو آھي  ۽ ان جنرل کي پنھنجي عھدي تي عارضي طور تي بحال ڪري سزا ٻڌائي ويندي آھي . ياد ھي رھي ڊي جي آئي ايس پي آر جي پريس ڪانفرنس ۾ اھا ڳالهه ڪئي وئي ھئي ته ريٽائرڊ جنرل فيض حميد جي ريٽائرمينٽ کان پوءِ به سياسي طور مداخلت جا ثبوت سامھون آيا ھئا . سو جنرل فيض جي سزا عمران خان لاءِ خطري جي گھنٽي وڄائي رھي آھي ۽ ان کان بچڻ لاءِ پختونن کي وفاق سان ويڙھائڻ ۽ نسلي ورڇ ڪرائڻ جي سازش پي ٽي آءِ پاران ڪئي پئي وڃي ھاڻي تازي ڪو ڪمانڊرز ڪانفرنس کي جي پڌرائي کي به سامھون رکجي ته اھو سمجھي سگجھي ٿو ته جيڪو جيڪو به ان عمل ۾ سھولتڪار ھوندو ان  کي به نه بخشيو ويندو. جيڪڏھن 9 مئي واقعن ۾ فيض حميد جي مداخلت ثابت ٿئي ٿي ته اھو سوال به اٿندو ته اھا ڪنھن جي حمايت لاءِ ڪئي وئي ھئي  جيڪڏھن اھا عمران خان جي حق ۾ ثابت ٿي ته پوءِ جيڪي ثبوت ۽ شاھديون آھن سي ان حوالي سان غور هيٺ اينديون  ۽ ايندڙ مرحلو عمران خان ۽ انھن سمورن ماڻھن کان پڇا ڳاڇا جو ھوندو جيڪي ان سموري معاملي ۾ ملوث رھيا آھن . ان کان پوءِ اڊيالا جيل ۾ عمران خان کان سوال جواب ڪرڻ جي ان ڪيميرا اجازت ورتي ويندي  ان بعد اھو فيصلو ڪوي ويندو ته ان کي ملٽري تحويل ۾ ورتو وڃي يا نه.اھو به امڪان آھي ته تازي ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس۾ ان حوالي سان سڀني کي اعتماد ۾  ورتو ويو ته ھي سڀ شاھديون وغيره جنرل فيض حميد خلاف اچي  ويون آھن  ايندڙ ھفتي ڏھن ڏينھن ۾ آرمي چيف وٽ جيڪو فائل پيل آھي ان تي فيصلو اچي ويندو. 9 مئي جي حوالي سان به گھڻن ماڻھن جو اھو تاثر آھي ته ان ۾ جنرل فيض حميد جي انوالمنٽ شامل ھئي فيلڊ ڪورٽ مارشل جنرل جي ڪارروائي دوران ان بابت به سوال جواب ڪيا ويا آھن ڇو جو جيڪي مظاھرين آيا ھا انھن کي پنھنجا ٽارگيٽ  بھترين طريقي سان ياد ھئا  ۽ ان ڪارروائي جو پھريون نشانو ڪور ڪمانڊر ھائوس پشاور بڻيو جتي ڪور ڪمانڊر جنرل فيض حميد پاڻ موجود ھئو  سو سوال اٿن ٿا ته اتي چڙھائي ٿئي ٿي ۽ ڪو رد عمل نھ ٿو اچي تھ پوءِ ڪيترائي شڪ جنم وٺن ٿا ۽ ان بعد مراد سعيد جي ليڪ آڊيو ۾ جيڪي لاھور ۾ جڳھين جي نشاندھي ٿيل آھي سي به مراد سعيد کي ڪنھن ٻڌايا ھوندا نه ته ان کي ڪھڙي خبر ته ڪھڙو ٽارگيٽ ڪٿي آھي.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، سومر 09 ڊسمبر 2024ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.