ڪراچي (رپورٽ: ذوالفقار راڄپر) سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران سنڌو درياءِ تي ڪئنال ٺاهڻ واري سنڌ دشمن منصوبي خلاف گهگهر ڦاٽڪ، ڪراچي کان ريلي ڪڍي ڪراچي پريس ڪلب چوڪ، گورنر هائوس وٽ احتجاجي جلسو ڪيو ويو. وفاقي حڪومت پاران سنڌو درياھ مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ واري اعلان خلاف گهگهر ڦاٽڪ کان نڪتل گاڏين تي مشتمل ريلي جي اڳواڻي سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي ڪئي . ريلي ۾ شامل لاتعداد مردن عورتن، ٻارن جي هٿن ۾ پلي ڪارِڊ ۽ بينر هئا جن تي سنڌو درياھ تي ڪئنال ٺاهڻ واري منصوبي خلاف نعرا لکيل هئا.تقريب کي خطاب ڪندي سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چيو آھي تھ پنجاب ۽ وفاقي حڪومت پاران سنڌوءَ جي پاڻي تي قبضي واري سازش ۾ نواز شريف جي شھباز حڪومت، سنڌي ماڻھن جي ووٽن تي صدر بڻيل صدر آصف زرداري سنڌو درياھ کي مارڻ وارين سازشن ۾ شريڪ آھن، کين اھو ڪڏھن بھ وسارڻ نھ گھرجي تھ سنڌي ماڻھو ھر ستم برداشت ڪري سگھن ٿا، پر پاڻي جي واري تي ڀاءُ پنھنجي ڀاءُ جو ڪنڌ لاھڻ کان ناھي ڪيٻائيندو، ان ڪري سنڌ جا 6 ڪروڙ ماڻھو پاڻي نھ ملڻ سبب مرڻ بدران دشمنن جا ڪنڌ لاھڻ کان بھ نھ مڙندا، ان ڪري وفاق کي اھڙي سنڌ دشمن منصوبي کي جلد کان جلد ختم ڪرڻ گھرجي. ھن چيو تھ سنڌ اسان جي ماءُ ۽ سنڌو درياھھ اسان جو ساھ آھي، پنھنجو ساھھ ڪڍڻ ۽ ماءُ کي مارڻ بھ نھ ڏبو، 6 ڪروڙ سنڌي ماڻھو مرڻ کان اڳ بنا بندوق، تير، ڀالي، ڪھاڙي جي پر امن طريقي سان احتجاج ڪندي دنيا کي ظلمن جا داستان ٻڌائيندي دشمنن جو گھيراءُ ڪندي کين شڪست ڏيندا. ڌارين سان گڏ ڌاڙي ۾سنڌ واسي آصف زرداري مک ڪردار ادا ڪري رھيو آھي. ھن چيو تھ سنڌ جي شھه رڳ سنڌو درياھھ خلاف سازشن ۾ شھباز شريف ڪھاڙي ۽ آصف زرداري ڳَن بڻيو آھي، ٻنھي جي گڏجڻ سان تيار ٿيل ڪھاڙو 6 ڪروڙ سنڌ واسين جي خاتمي جو سبب بڻبو، پر کين اھوبھ ياد رکڻ گھرجي تھ اھو ڪھاڙو جيڪڏھن اسان جي ھٿ ۾ آيو تھ پاڻ بھ بچي نھ سگھندا. ھن چيو تھ پھرين مرحلي واري جدوجھد ۾ پيپلزپارٽي جي حڪومت لاءِ جيڪي ڏکيائيون پيش آيون آھن، اھي بيان نھ ٿيون ڪري سگھجن، اھو ئي سبب آھي جو گذريل ڏھاڙي سنڌ حڪومت وفاق کي خط لکي ڪئنالن ڪڍڻ واري منصوبي کي ختم ڪرڻ لاءِ ميڙ منٿ ڪرڻ شروع ڪئي آھي، جڏھن تھ جدوجھد اڃان ھاڻي شروع ٿي آھي، پيپلزپارٽي جي اھڙي منافقي وائکي ٿي چڪي آھي. کين منافق ٿيڻ بدران وڏي واڪي سنڌ سنڌ دوستي يا سنڌ دشمني وارو اعلان ڪرڻ گھرجي تھ جيئن منافقي واري لعنت کان بچي سگھجن. سنڌو درياھھ نه رڳو سنڌ جي تهذيب، ثقافت ۽ تمدن آهي پر ان سان گڏ سنڌ جي شھ رڳ بھ آهي. ھن چيو تھ ملڪ جا حڪمران اهو نه وسارين ته هن ملڪ جي معيشت کي هلائڻ ۾ ناڻي جو وڏو حصو سنڌ ڏئي ٿي، استحڪام لاءِ ضروري آهي ته ملڪ ۾ شامل سمورن صوبن کي برابري واري حيثيت ڏني وڃي، صوبن جي مرضي کان سواءِ سنڌ جي مٿان سازشي ھڪ طرفا فيصلا نه مڙهيا وڃن. هن چيو پاڻي جي مسئلي تي سنڌ سان سدائين زيادتي ٿيندي رهي آهي، سنڌ ۾ هٿراڌو پاڻي جي کوٽ پيدا ڪئي ويندي آهي، جنهن ڪري سنڌ جي زراعت کي وڏو نقصان رسندو رهيو آهي. هن چيو 1991 جي معاهدي جي تحت سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي نه پيو ڏنو وڃي ۽ نه وري معاهدي مطابق 10 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي ڪوٽڙي کان هيٺ ڇڏيو پيو وڃي. نتيجي ۾ تيزي سان سمنڊ اڳيان وڌي رهيو آهي سنڌ جا لاڙ واري حصي ۾ کارو ڇاڻ، ڪيٽي بندر، شاهبندر، جاتي ۽ بدين جون لکين ايڪڙ زمين سمنڊ ڳڙڪائي ويو آهي، انڊس ڊيلٽا مڪمل طور تباھ ٿي ويو آهي ۽ جر جو پاڻي مڪمل کارو ٿي ويو آهي. وزير اعظم شهباز شريف کي تاريخ مان سبق حاصل ڪرڻ گهرجي، ماضي ۾ جنرل ضياءِ کان وٺي جنرل مشرف تائين ۽ خود نواز شريف ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ جا اعلان ڪيا پر سنڌ جي ماڻهن عوامي سياسي جدوجھد سان کين ناڪام بڻايو. ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته ڪئنالن جو منصوبو ڪالاباغ ڊيم کان به وڌيڪ خطرناڪ آهي ان کي سنڌ ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪنداسين. هن چيو ته سنڌ جي ووٽ تي ايوانن ۾ ويٺل پ پ پ سدائين سنڌ سان ويساھ گهاتيون ڪيون آهن هن وقت به وفاقي سرڪار پ پ پ جي سهاري تي بيٺل آهي جيڪڏهن پ پ پ چاهي ته ڪئنالن وارو منصوبو وفاقي حڪومت فوري طور ختم ڪري ڇڏيندي ڇاڪاڻ ته پ پ پ جي سهاري کانسواءِ وفاقي سرڪار ڊهي پوندي. هي احتجاج تيستائين جاري رهندو جيستائين سنڌو درياءِ تي ڪئنال ٺاهڻ واري وارو منصوبو ختم نٿو ڪيو وڃي. هن چيو سنڌ جا ماڻهو 18 ڊسمبر تي سنڌو درياھ مٿان ڪئنال ٺاهڻ واري منصوبي خلاف سموري سنڌ ۾ مڪمل هڙتال ڪري پنهنجو احتجاج رڪاڊ ڪرائيندا. تقريب کي ڄام عبدالفتاح سميجو، حيدر شاھاڻي ، گلزار سومرو، هوت خان گاڏهي، ايڊووڪيٽ جاويد ڪلھوڙو ۽ ٻين اڳواڻن پڻ خطاب ڪيو.