اردو ميڊيا ۽ ڪجهه سنڌي صحافي ھميشه اسان کي نظر انداز ڪيو آھي: قادر مگسي

ڪراچي: ڊاڪٽر قادر مگسي پنھنجي تقرير شروع ڪرڻ کان اڳ اردو ميڊيا سميت سنڌي صحافين ڏانھن اشارو ڪندي چيو تھ اردو ميڊيا ۽ ڪجهه سنڌي صحافي  ھميشه اسان کي نظر انداز ڪيو آھي، سنڌ م رھندي سنڌ جي مسئلن کان ڪن لاٽار ڪنھن بھ صورت ۾ برداشت نھ ڪئي ويندي، کين قبلو درست ڪرڻ گھرجي. سنڌي صحافين کي مخاطب ٿيندي چيو تھ ھتي جيڪڏھن حڪومتي وزير مشير يا ٻيو ڪو بااثر شخص يا ڌر جلسو ڪري ھا تھ اھي سندن پيرن ۾ پيا ھجن ھا، ھتي اچڻ کان ان ڪر ي ڊڄي رھيا آھن تھ متان سنڌ حڪومت جا وزير ۽ بااثر ڌريون ڪاوڙجي نه وڃن، ان ڪري انھن جي صحافت جي نالي تي مڪروھ چھرا تاريخ ۾ واضع ٿي چڪا آھن.

  1. ڊاڪٽر قادر مگسي سموري قيادت سان گڏ اٿي بيھي “ ڳاءِ انقلاب ڳاءِ” ڳائي پنڊال کي گرمايو

ڪراچي:  ڊاڪٽر قادر مگسي تقرير کان اڳ اسٽيج تي موجود سموري قيادت سان گڏ اٿي بيھي “ ڳاءِ انقلاب ڳاءِ” ڳائي پنڊال کي گرمايو ۽ تقريب جي پڄاڻيء  تي سنڌو درياھھ جي حق ۾ سنڌ سان ٿيندڙ ناانصافين خلاف نعرا ھڻايا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.