پ پ جي قومي معاملن بابت ڪميٽي اڄ حڪومتي ڪميٽي سان ملاقات ڪندي

اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي صدارت هيٺ پارٽي جي قومي معاملن بابت ڪميٽي جو ورچوئل اجلاس ٿيو. چيئرمين بلاول ڀٽو ۽ پيپلز پارٽي جي قومي معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي ميمبرن اهم قومي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته پيپلز پارٽي جي قومي معاملن بابت ڪميٽي اڄ حڪومتي ڪميٽي سان ملاقات ڪندي. اجلاس ۾ پنجاب جي گورنر سليم حيدر خان، گورنر خيبرپختونخواهه فيصل ڪريم ڪنڊي، سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه، بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي، راجا پرويز اشرف، شيري رحمان، نويد قمر، احمد محمود ۽ علي حيدر گيلاني شرڪت ڪئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.