دمشق (ع آ نيوز) شامي باغين تخت گاهه تي قبضي کانپوءِ سرڪاري ٽي وي تي پهرئين ئي خطاب ۾ سڀني قيدين لاءِ عام معافي جو اعلان ڪري ڇڏيو. پرڏيهي ميڊيا موجب شامي باغين پنهنجي فتح جو اعلان سرڪاري ٽي وي تي ڪندي ٻڌايو ته شام مان بشار الاسد حڪومت جي ڊگهي دور جو خاتمو ٿي ويو آهي. ميڊيا رپورٽن موجب باغين پهرئين ئي خطاب ۾ سڀني قيدين لاءِ عام معافي جو اعلان ڪندي چيو ته دمشق ۾ صورتحال محفوظ آهي، ڪنهن جي به خلاف انتقامي ڪارروائي نه ٿيندي. پرڏيهي ميڊيا موجب شامي باغين آزاد شام جي خود مختياري ۽ سلامتي جي خاطري ڪرائيندي چيو ته شام ۾ ڪاري دور جي خاتمي کانپوءِ نئون دور شروع ٿي رهيو آهي. شامي صدر بشار الاسد جنهن جهاز ۾ ملڪ مان فرار ٿيو، ان جو ريڊار سان رابطو ڪٽجي ويو. پرڏيهي ميڊيا جو چوڻ آهي ته ملڪ مان فرار ٿيڻ کانپوءِ بشار الاسد جي جهاز ريڊار تان گم ٿيڻ کان اڳ هڪ غير معمولي ٽرن ورتو هو. ميڊيا رپورٽن موجب شام جي تخت گاهه دمشق ۾ باغين جي داخل ٿيڻ کان اڳ ئي بشار الاسد هڪ جهاز ۾ اڻڄاتل هنڌ ڏانهن روانو ٿي ويو هو.
-
شام ۾ 250 پاڪستاني زائرين ڦاٿل، ڪرائسز مئنيجمينٽ يونٽ فعال
ڪراچي/اسلام آباد (م ڊ) شام ۾ باغي مليشيا حيات التحرير الشام جي قبضي سبب سوين پاڪستاني زائرين شام ۾ ڦاٿل آهن.بشار الاسد جي ملڪ مان فرار ٿيڻ بعد باغي مليشيا حيات التحرير الشام سرڪاري عمارتن ۽ ايئرپورٽن تي قبضو ڪري ورتو آهي. ذريعن موجب ايئرپورٽ جي بندش سبب 250 پاڪستاني زائرين شام ۾ ڦاٿل آهن. لاهور ۽ ڪراچي لاءِ اڏامون معطل ٿي ويون جن جو شيڊيول واضح ناهي ٿيو. دمشق جي علائقي سيده زينب ۾ هوائي فائرنگ سبب زائرين ۾ خوف پکڙجي ويو آهي. شام جي موجوده صورتحال کي نظر ۾ رکندي پرڏيهي وزارت شام ۾ پاڪستاني شهرين جي سهولت لاءِ ڪرائسز مينيجمينٽ يونٽ کي فعال ڪري ڇڏيو. سفارتي ذريعن موجب شام ۾ 1200 پاڪستاني موجود آهن، سمورا پاڪستاني محفوظ آهن ۽ دمشق سفارتخاني سان رابطي ۾ آهن. پاڪستان ۾ رابطي لاءِ فون نمبر: 051-9207887 ۽ اي ميل cmu1@mofa.gov.pk تي رابطو ڪري سگهجي ٿو.
-
بشار الاسد جو تختو اونڌو ٿيڻ جو ڪريڊٽ اسرائيل کڻڻ لڳو
تل ابيب ( م ڊ ) اسرائيلي وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو شام ۾ بشار الاسد جي حڪومت جي خاتمي کي وچ اوڀر لاءِ تاريخي ڏينهن قرار ڏيندي چيو آهي ته ايران جي مزاحمت جي محور جي مکيه ڪڙي ٽٽي وئي آهي.والاريل گولان جي چوٽين جي دوري تي پهتل نيتن ياهو جو چوڻ هو ته اسد جي تباهي سندس حمايتين ايران ۽ حزب الله تي حملن جو سڌو نتيجو آهي.نيتن ياهو اعلان ڪيو ته هن اسرائيلي فوج کي حڪم ڏنو آهي ته هو گولان هائٽس ۾ گڏيل قومن جي نگراني واري بفر زون تي قبضو ڪن. هن چيو ته اسرائيل ۽ شام وچ ۾ 1974 ۾ ٿيل عليحدگي جو معاهدو 50 سالن کان جاري هو پر گذريل رات ان کي ٽوڙيو ويو. شام جي فوج پنهنجي پوزيشن کي ڇڏي ڏنو. اسان اسرائيلي فوج کي حڪم ڏنو ته هو انهن پوزيشن تي قبضو ڪن ته جيئن اسرائيلي سرحد تي دشمن قوتن جي ممڪن دراندازي کي روڪي سگهجي. هن وڌيڪ چيو ته اها عارضي دفاعي پوزيشن آهي جيستائين ان مسئلي جو مناسب حل نه ٿو ملي.
-
روس جي حمايت وڃائڻ کانپوءِ بشارالاسد ملڪ ڇڏي ويو: ڊونلڊ ٽرمپ
واشنگٽن (م ڊ) آمريڪا جي نئين چونڊيل صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته بشار الاسد روس جي حمايت وڃائڻ کانپوءِ پنهنجو ملڪ ڇڏي ويو آهي. نئين چونڊيل آمريڪي صدر پنهنجي ٽرٿ سوشل پليٽ فارم تي چيو ته اسد هليو ويو آهي، ان جو محافظ روس، جنهن جي اڳواڻي ولاديمير پيوٽن ڪري رهيو هو، هاڻي ان کي تحفظ ڏيڻ ۾ دلچسپي نه ٿو رکي. ان کان اڳ ڊونلڊ ٽرمپ چيو هو ته شام جي ڇڪتاڻ واري صورتحال سان آمريڪا جو ڪو به تعلق ناهي. ٻئي طرف روسي پرڏيهي وزير سرگئي لاروف ته شام ۾ باغين کي غالب ٿيڻ نه ڏنو ويندو. ايران ڌرين کي ڳالهين جي اپيل ڪئي. ترڪي جنگ جي خاتمي لاءِ ڳالهين تي به زور ڏنو آهي.
-
بشارالاسد ماسڪو پهچي ويو
ماسڪو (م ڊ) روسي خبرن جي ايجنسي جي حوالي سان برطانوي ميڊيا چيو آهي ته شام جو صدر بشار الاسد ماسڪو پهچي ويو آهي. بشار الاسد جي فرار ٿيڻ جون خبرون گردش ڪري رهيون هيون. اتي پڻ افواهون هيون ته سندس جهاز ڪريتباهه ٿي ويو آهي. هڪ دفعي چيو ويو ته هو جنهن جهاز تي سوار هو، حمص جي ويجهو گم ٿي ويو. انٽرفيڪس نيوز ايجنسي ڪرملن ۾ ذريعن جو حوالو ڏيندي چيو آهي ته بشار الاسد ۽ سندس خاندان کي سياسي پناهه ڏني وئي آهي.