شام جي اقتدار تي باغين جو قبضو ۽ عالمي بدلجندڙ حالتون

تحرير: اعجاز ممنائي

ھڪ ڏھاڪي کان وڌيڪ عرصي کان گھرو ويڙھه جو شڪار شام ملڪ ۾ مڪمل ٺاپر نه ٿي ھئي، پر ڪجهه ڏينھن کان شام ۾ مسلسل باغين کي ملندڙ سرسي کي عالمي ميڊيا وڏي شوق سان ڪوريج ڏيئي رهي آهي گذريل هفتي شام جي صدر بشار الاسد جي ايران جي سپريم ليڊر سيد علي خامنه اي سان اهم ملاقات يقينن شام جي مدد لاءِ هئي ان جي باوجود باغين پنهنجي حڪمت عملي جوڙي قبضا ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن ۽ ويڙھاڪ تنظيم ھئيت تحرير الشام( ايڇ ٽي ايس) جي اڳواڻ  ابو محمد الجولاني اعلان ڪيو آھي ته ھنن حما شھر تي قبضو ڪري ورتو آھي.دنيا جي ماھر ۽ تجزيه نگارن شام ۾ باغين جي ڪاميابي کي صدر بشار الاسد، روس ۽ ايران جي لاءِ ھڪ وڏو نقصان قرار ڏيندي باغين جي عنقريب وڏي ڪاميابي حاصل ڪرڻ جي دعويٰ به ڪئي آھي.ان کان اڳ  ايڇ ٽي ايس ويڙهاڪن مزاحمت کانپوءِ حما شھر جي مکيه جيل مان قيدين کي ڇڏائي ورتو هو.

ياد رهي ته شام جي صدر بشار الاسد خلاف هڪ بغاوت 2011 ۾ شروع ٿي جنھن بعد اھا مڪمل گهرو ويڙهه ۾ تبديل ٿي وئي.جنھن دوران 5 لک ماڻھو مارجي ويا ھئا، ان دوران روس ۽ آمريڪا جي مداخلت ان کي  ”پراڪسي وار“ ۾ تبديل ڪري ڇڏيو.اڄ شام چئن مختلف حصن ۾ ورهايل آهي، جنهن تي يا ته بشار الاسد جي حڪومت آهي يا مختلف نظرين ۽ وفادارين سان گڏ خود ساخته هٿياربند گروپن جو قبضو آھي.شروع ۾ بشارالاسد حڪومت کان باغين وڏو حصو ڦري ورتو ھو.جنھن بعد شام جي حڪومت 2015 ۾ روسي حمايت حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ۽ حلب تي باغين جي تازي پيش قدمي کان اڳ ملڪ جي تقريبن ٻه ڀاڱي ٽي حصي تي ڪنٽرول بحال ڪيو ھو.

اتر ۾ شام جي سرحد ترڪي سان ملي ٿي،جتي به وڳوڙ جاري آھي ۽ رياست اندر رياستون قائم ٿيل آھن.شام جي گاديء واري شهر دمشق جي اوڀر کان فرات نديءَ تائين، ايراني اثر رسوخ اڃا تائين موجود آهي.جڏهن ته ميڊيٽرينين (روم واري) سمنڊ جي ڪناري ۽ اتان کان دمشق تائين ۽ ڏاکڻي سرزمين روس جي قبضي هيٺ آهن.حلب ۽ ان جي ڀرپاسي وارا علائقا ۽ هاڻي حما جو شهر به ھئيت التحرير الشام فرقي جي اسلام پسند سياسي ۽ هٿياربند تنظيم جي قبضي ۾ آهي پر رومي سمنڊ تي شام جي اھم بندرگاھ لتاڪيھ،اڃان به بشار الاسد جي ڪنٽرول ۾ آهي.ھئيت تحرير الشا، اصل ۾ نصرا فرنٽ  آھي.اھو شام ۾ القاعده جي ھڪ شاخ هئي.2016 ۾ نصرا فرنٽ،القاعده سان لاڳاپا ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو  هو.ڇوته مقامي باغي القاعده جي نالي سان ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ھو.

جيتوڻيڪ ھئيت تحرير الشام گروپ دعويٰ ڪري ٿو ته ان جو ڪنهن به ٻاهرين تنظيم سان واسطو ناهي، پر اھو گڏيل قومن، آمريڪا ۽ ترڪي وٽ القاعده سان تعلق رکندڙ ۽ دهشتگرد تنظيم قرار ڏنل آھي.ھن گروپ جي حمايت ڪندڙ ڪيترائي انتھاپسند عنصر موجود آهن، جنھن ۾ ترڪستان اسلامڪ پارٽي، جيڪا هڪ چيني الغوراڪثريتي جهادي گروپ آھي.ترڪي به پنھنجي مفادن جي لاءِ بارڊر فورس قائم ڪئي آھي.جنھن ۾ مختلف سوچ رکندڙ ڌريون شامل آھن.سيريئن نيشنل آرمي دراصل شام جي عبوري حڪومت جي نالي سان انتظامي اختيار جو حصو آهي، جڏهن ته ترڪي حڪومت ۽ فوج به خطي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي.هڪ ٻيو گروپ سيريئن ڊيموڪريٽڪ فورسز آهي.ڪرد، عرب مليشيا ۽ باغي گروپن تي ٻڌل  هي اتحاد، فرات نديءَ جي اوڀر ۾ عراقي سرحد تائين ۽ اولهه ۾ منبج شهر تائين ڪنٽرول ڪري ٿو.ايمنسٽي انٽرنيشنل موجب ھن وقت به ساڍا 11 ھزار مرد، ساڍيون 14 ھزار عورتون ۽ 30 ھزار ٻار  قيد آھن.نئين صورتحال ڪري ترڪي پاران يا وري آمريڪا پاران ڪنھن ممڪن آپريشن کي رد نه ٿو ڪري سگھجي.

صهيونسٽ آرمي ريڊيو پڻ اعلان ڪيو ته فوج سرحد جي ويجهو شام جي ال قنيترا ۾ بفر زون ۾ فوجي آپريشن شروع ڪيو.ڪجهه ميڊيا ذريعن اهو به ٻڌايو ته صهيوني فوج پنهنجي ٽينڪن سان ڏکڻ شام جي علائقي قنيترا ۾ داخل ٿي وئي آهي.دمشق جي زوال کان اڳ جڏهن سمورو ڌيان غزه ۽ لبنان تي صهيوني حڪومت جي حملن ۽ دمشق تي لڳ ڀڳ اڻڄاتل حملن تي مرڪوز هو ته گذريل نومبر جي آخر ۾ شڪي حرڪتن جون خبرون آيون هيون. گولان ۽ ڏکڻ شام ۾ جنگبندي لائن جي ويجهو علائقن ۾ قابض فوج جو اعلان ڪيو ويو.

شامي صدر بشارالاسد جو 24 ساله اقتدار ختم ٿي ويو، شامي باغين گادي واري شهر دمشق ۾ داخل ٿيڻ جي دعويٰ ڪري ڇڏي آهي.پرڏيهي ميڊيا موجب شامي صدر بشارالاسد دمشق ڇڏي نامعلوم هنڌ منتقل ٿي ويو، بشارالاسد جا صدارتي محافظ به ان جي معمول واري رهائشگاهه تي مقرر نه آهن جنهن سبب شهر ۾ اهي ڳالهيون هلي رهيون آهن۔پرڏيهي ميڊيا طرفان دعويٰ ڪئي پئي وڃي ته شامي  ويڙهاڪن شام جي شهر حمص تي مڪمل ڪنٽرول جو اعلان ڪيو آهي جڏهن ته سينٽرل جيل تي قبضو ڪري 3500 قيدين کي به آزاد ڪري ڇڏيو. باغين صدر بشارالاسد جا پورٽريٽ به ڦاڙي ڇڏيا جڏهن ته بشارالاسد جي والد جو مجسمو به ڪيرائي ڇڏيو آهي.ميڊيا رپورٽن موجب شامي ويڙهاڪن ديرالزور جو ڪنٽرول سنڀالي پنهنجو جهنڊو ڦڙڪائي ڇڏيو ۽ صدر بشارالاسد جي فوج کي شهر ڇڏڻ تي مجبور ڪيو. ڪيترن ئي فوجين ۽ سرڪاري آفيسرن عراق ۾ پناهه وٺي ڇڏي.ٻئي طرف ويڙهاڪ اڳواڻ محمدالجولاني چيو آهي ته شام ۾ تازي بغاوت جو مقصد بشارالاسد جي حڪومت کي ڪيرائڻ آهي، شامي حڪومت جو خاتمو  ويجهو ٿي چڪو آهي، هٿيار ڦٽا ڪندڙ سرڪاري فوجين کي عام معافي ڏني ويندي۔هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته باغي ملڪ کي ڪيئن ٿا هلائين ڇوته انقلاب آڻڻ سولو هوندو آهي پر سنڀالڻ ڏکيو هوندو آهي۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.