اسان پنهنجن نسلن کي انتهاپسندي ۽ ويڙهه ڏانهن مسلسل پئي ڌڪيو آهي، رڳو هڪ صوبي جي خواهش سبب باقي صوبا ڪسمپرسي جي حالت ۾ هليا ويا آهن. اهي صوبا هاڻي ته بنيادي سهولتن کان به وانجهيل رهن ٿا. انهن صوبن ۾ پيئڻ جي پاڻي کان وٺي تعليم، صحت ۽ اٽي لٽي ۽ اجهي جي به سڪت ناهي رهي. پر اسٽيبلشمينٽ جي زور آوريءَ ۾ اها ڳالهه ضرور رهي آهي ته جيڪو به ڳالهائي ان جي منڍي مروڙي ڇڏجي ۽ اظهار جي آزادي به کسي ڇڏجي، جنهن جا ثبوت جلسن جلوسن تي پابندي، لٺ باٺو ۽ انٽرنيٽ جي هر روز ڪا به ڪا نئين ڀڳت. هڪ پارٽي (پي ٽي آءِ) جي آڙ ۾ رياست سموري قوم کي داوَ تي هڻي ڇڏيو آهي، جنهن جو مثال دنيا جي بدترين آمرن وٽان به نه ملندو.
ڪتاب ”سليپ واڪنگ ٽو سرينڊر“ جنهن ۾ پاڪستان جهڙي ملڪ جو دهشتگرد تنطيمن سان وڙهڻ ۽ ڳالهيون طئي ڪرڻ جو ذڪر ڪيل آهي، هن ڪتاب ۾ تفصيل سان بيان ڪيو ويو آهي ته ڪيئن ملڪ اندر جيڪي به بغاوتون ٿين ٿيون، انهن جو ڪو خاطرخواھ حل سامهون نه ٿو اچي ۽ اهي طالبان ۽ بلوچن جي شڪل ۾ باغي قوتون وري وري اڀرن ٿيون. هن ڪتاب ۾ اسلام جي بريلوي، صوفي مرڪز واري عمل کان نظرياتي ديوبند جي فڪر ڏانهن ڦيرڦار جو تفصيل سان ذڪر ڪيو آهي ته جيئن پراڪسي جنگين لاءِ توپن جي چاري کي راغب ڪيو ٿو وڃي . شروعاتي طور تي ڏکڻ پنجاب ۾ عربن جي شڪار جي رعايت جي آڙ ۾ هڪ پرائيويٽ لينڊنگ ذريعي بين الاقوامي رستو اختيار ڪيو ويو، جنهن ۾ مدرسن جي فنڊنگ شروع ڪئي وئي، جيڪا سخت ديوبند ۽ وهابيت جي عروج جو سبب بڻي. جنهن ۾ اسلامي نظرياتي ڪائونسل خاص قانون سازي ۽ تشريح ڪري سعودي مذهبي قاعدن موجب عالمن کي ڌڪي ورتو.
جلاوطني ايشيائي رياستن جو الميو رهيو آهي. هتي هر اسٽبلشمينٽ اڳواڻ يا مخالف ڌر جي اڳواڻ هجن انهن کي ٻيو نه ته به جلاوطن ڪيو ٿو وڃي. ان ڪري ته جئين اهي واري سان هڪٻئي کي اقتدار بخشيندا رهن. مثال جيئن ٻه تلوارون هڪ مياڻ ۾ نه ٿيون رهي سگهن ۽ ٻه شينهن هڪ ٻيلي ۾ نه ٿا رهي سگهن، تيئن هن رياست جي به اها ئي خواهش رهي آهي ته ڪنهن به هڪ پارٽي کي اقتدار جي مالڪي ڏني وڃي ۽ ٻين کي ملڪ بدر ڪيو وڃي يا جيل اندر واڙي ڇڏجي ته جيئن اهي من گهريا بل پاس ڪرائي سگهن، اهي اليڪشن ڪميشن جي مفاهمت سان فارم 45 ۽ 47 جون نيون انجنيئرنگس ڪرائي سگهن، يا اليڪٽرونڪ مشين جي ذريعي ووٽن جي انوکي ڳالهه ڪن. اهي ڪنهن به سياسي ٽولي جي دٻاءَ ۾ اچي 4 سال پهرين به آدم شماري ڪرائين ته ڪرائي سگهن ٿا.
ملڪ ۾ انيڪ دفعا عسڪري آپريشن ٿيا آهن جن جو ڪو کڙتيل ناهي نڪتو، جيڪا عجب جهڙي ڳالهه آهي، مثال آپريشن انڊيرنگ فريڊم: جيڪو آمريڪا جي اڳواڻي ۾ 2001-2002 تائين ٿيو ۽ ان جو مقصد افغانستان ۾ طالبان جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ هيو سو ٿي ويو. آپريشن الميزان: جيڪو 2002 کان 2006 تائين ڪيو ويو، آپريشن زلزالا: 2008 ۾ ٿيو، جنهن سان پڻ طالبان جي ڳولها ڪئي وئي ته جيئن آقا آمريڪا کي خوش ڪري سگهجي، آپريشن شير دل، راه حق ۽ راه راست: اهي آپريشن هيا جيڪي 2007 کان 2009 تائين ٿيا. جن ۾ مُٺِ جيترن طالبان جي ٽولن خلاف رياستي طاقت آزمائي وئي. وري آپريشن راهه نجات: 2009 کان 2010 تائين ڪيو ويو. ان کانپوءِ 2004 کان 2017 تائين آمريڪا ۽ افغانستان جي جنگ جاري رهي ۽ ان دوران 2004 کان 2018 تائين ڊرون حملن واري جنگ به شامل هئي، جنهن ۾ آمريڪا جي آشيرواد ۾ ”ڊو مور“ واري حڪم تحت شيون ٿينديون رهيون. ان کانپوءِ بلوچستان تڪرار جيڪو 2004 ۾ شروع ٿيو .
جيڪي به سياستدان اچن ٿا اهي سمجهن ٿا انهن اٻوجھه ماڻهن کي ڪو نه ڪو نعرو ڏجي جنهن ۾ هو پاڻ نچندا وتن، ڪڏهن نئون پاڪستان ڪڏهن اٽو، لٽو ۽ اجهو. انهن ماڻهن کي اها سُڌِ ناهي هوندي ته عام ضرورتن جي پورائي کانپوءِ اهي پاڻ سڃاڻڻ واري سگھه به ساري سگهن ٿا، ۽ اهي پاڻ سڃاڻي پنهنجن پنهنجن مقصدن جو تعين به ڪري سگهن ٿا، و جو مقصدن جي سڃاڻ ڪرڻ به زندگي جي نئين آغاز جي علامت آهي.
اسٽبلشمينٽ جا آشيرواد سان نوان نوان ليڊر ۽ نيون نيون سياسي پارٽيون به ٺاهي جوڙي سگهن ٿيون، جيڪي عوام جي خدمت گهٽ پر انهن آقائن جي خدمت وڌيڪ ڪري سگهن ٿيون، اهي اڳواڻ انهن جي آڱر جي اشاري تي نچي به سگهن ٿا. عام فهم ۾ عوام ڀلي طاقت جو سرچشمو هجي، پر اسٽبلشمينٽ ۽ مالڪن جي نظر ۾ طاقت جو سرچشمو يا ته اهي مالڪ پاڻ آهن، يا اهي پتلي تماشي وارا اڳواڻ جيڪي هر نئين شڪل ۾ ڪم پراڻا ڪندا ٿا وتن. جيڪي سمجهن ٿا اهي ماڻهو انهن جا سڀ ڪم ڪندا. اهي اڳواڻ پاڻ ڪرپشن ڪن، پاڻ مني لانڊرنگ ڪن، ڀلي فارين فنڊنگ ڪن، پاڻ توشاخانا مان تحفا چوري زوري ڪري پنهنجي پنهنجي گهر کڻي وڃن ته ڀلي کڻي وڃن، ان ڪري سرڪاري مال دشمن جو مال هوندو آهي، اهي اڳواڻ پاڻ سئيزرلينڊ کان وٺي مغربي ملڪن ۾ ڪارو ڌن کڻي وڃن ته ڀلي کڻي وڃن، لنڊن ۾ ويهي لڪي ڇپي ملڪي ڪارو ناڻو اڇو ڪري اچن ته ڀلي ڪن، سعودي ۾ لوھ جا ڪارخانا هڻن، اوورسيز ڪمپنين جا ملڪ بڻجن، القادر يونيورسٽي جي 190 ملين پائونڊن جي ڪرپشن ڪن، ۽ وري وڪي ليڪس، پناماليڪس، پنڊوراباڪس ۽ دبئي ليڪس ۾ جيڪي ڪجهه ٿيو اهو به ڪوڙ هيو، العزيزه شگر مل به ڪوڙ بدوڙ هيا، ايون فيلڊ وارن فيلٽن جي ڳالهه به زمين ڳهي وئي، آسمان اڳواڻن جي ڪرپشن تي پردو وجهي ڇڏيو، ماڊل ڪالوني واري خوريزي به ڪوڙ هئي.
هي هڪ اهڙو ملڪ آهي جنهن جي اڪثريت مذهب جي پيروڪار آهي. هر حڪمران هن ملڪ کي هڪ اهڙي رياست بڻائڻ ٿو چاهي ۽ اهڙي کڏ ۾ ڌڪڻ ٿو چاهي جنهن مان نڪرڻ محال هجي. هن ملڪ ۾ هر حڪمران مذهب جي نظريي کي خارجي فائدن لاءِ اختيار ڪندو ٿو رهي، مثال جيئن افغان ”جهاد“ ۽ ڪشمير جو مسئلو. 77 سالن ۾ ملڪ ۾ جيڪي به حڪمران آيا انهن پاڻ کي ساڌو سمجهيو ۽ جيڪي به هليا ويا اهي وڏا چور هيا.
اسٽبلشمينٽ جي آشيرواد سان نوان نوان ليڊر ۽ نيون نيون سياسي پارٽيون به جوڙي سگهن ٿيون، جيڪي عوام جي خدمت گهٽ پر انهن آقائن جي خدمت وڌيڪ ڪن ٿيون، اهي اڳواڻ انهن جي آڱر جي اشاري تي نچي به سگهن ٿا. عام فهم ۾ عوام ڀلي طاقت جو سرچشمو هجي، پر اسٽبلشمينٽ ۽ مالڪن جي نظر ۾ طاقت جو سرچشمو يا ته اهي مالڪ پاڻ آهن، يا اهي پتلي تماشي وارا اڳواڻ جيڪي هر نئين شڪل ۾ ڪم پراڻا ڪندا ٿا وتن.