سنڌ ۾ ڌاڙيلن طرفان ماڻهو اغوا ڪري ۽ ڀنگ وٺي آزاد ڪرڻ جو سلسلو ڪيتري ئي عرصي کان هلي رهيو آهي، پر ڌاڙيلن خلاف ڪا به اثرائتي ڪارروائي اڄ ڏينهن تائين ڪٿي به ناهي ٿي، جنهن مان قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ڪارڪردگي تي ڪيئي سوال اٿي رهيا آهن. ڪجهه عرصو اڳ جيڪب آباد جي ايس ايس پي پوليس پروٽيڪشن ۾ ويندڙ جديد هٿيارن سان ڀريل هڪ گاڏي پڪڙي ۽ هڪدم پريس ڪانفرنس ڪري ميڊيا کي به ٻڌايو ويو ۽ پوءِ اوچتو اها خبر پئي ته اها گاڏي هڪ مقامي سردار ۽ حڪومت سان لاڳاپيل شخص جي پٽ جي هئي.
جيڪب آباد، ڪنڌڪوٽ، ڪشمور سميت ٻيا علائقا ڌاڙيلن جي رحم ڪرم تي ڇڏيا ويا آهن، ڏينهن ڏٺي جو هٿيابند ڪاهه ڪري اچي شهرين کي اغوا ڪري وڃن ٿا پر ان معاملي ۾ پوليس جو ڪردار هميشه خاموش تماشائي وارو رهيوآهي. ڪڏهن ڌاڙيل ماڻهو اغوا ڪن ٿا ته ڪڏهن وري فون ڪري ڪروڙين روپين جي گهر ڪن ٿا جن خلاف ڪارروائي نه ٿيڻ مان صاف ظاهر آهي ته انهن کي ڇوٽ ڇڏيو ويو آهي. مون سوشل ميڊيا تي هڪ وڊيو ڏٺي ته هڪ ڌاڙيل نهايت ئي جديد قسم جي ايئر ڪرافٽ ميزائل گن کڻي ويٺل هو، انهيءَ سان گڏ ويٺل ٻيا ڌاڙيل جي ٿري، ايڇ ايم جي کنيو ويٺا هئا ، آئون حيران رهجي ويس ۽ سوچڻ لڳس ته آخر ڌاڙيلن وٽ اهڙا جديد هٿيار ڪٿان ٿا اچن؟ ايئرڪرافٽ ميزائل گن جيڪا صرف فوج جي استعمال ۾ هوندي آهي، ايل ايم جي جهڙي خطرناڪ گن يا هڪ منٽ ۾ هزارين گوليون فائر ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي اهي انهن وٽ ڪيئن آيون؟ ۽ ڪٿان آيون ؟ لازمي ڳالهه آهي ته اهي زمين مان فصل وانگر ڦٽي ته نه نڪتيون هونديون، ڪٿان نه ڪٿان ته آيون هونديون پر ڇا هيستائين پوليس سميت اسان جا قانون لاڳو ڪندڙ ادارا انهن ڌاڙيلن کي هٿيار سپلائي ڪندڙن کي پڪڙي سگهيا آهن؟ جواب اهو ئي ملندو ته نه، ٻي ڳالهه ته هڪ طرف اسان جي ملڪ جا ادارا انٽرنيٽ بند ڪري سگهن ٿا، ٽوئيٽر بند ڪري سگهن ٿا، پر ڌاڙيلن جا نمبر ٽريس ڪري انهن خلاف ڪارروائي نٿا ڪري سگهن؟ ڌاڙيل جيڪي اغوا ٿيل ماڻهن جي وارثن کي فون ڪري ڀنگ طلب ڪندا آهن يا وري سوشل ميڊيا تي لائيو ايندا آهن انهن جي لوڪيشن ٽريس نٿي ٿئي.
ڌاڙيلن جي سرپرستي اهي سردار۔ ڀوتار ٿا ڪن ۽ ڌاڙيل به ايمانداري سان انهن کي پنهنجو حصو پهچائن ٿا، سنڌ ۾ گهڻي قدر سردارن جو تعلق حڪومتي پارٽي سان آهي، ۽ انهي جو سردارن خوب فائدو به ورتو آهي ، هڪ طرف پوليس سميت قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي حصو پتي پهچائيندا آهن ته ٻي طرف وري ڌاڙيلن جي سرپرستي به ڪندا آهن، اهو ئي ڪارڻ آهي جو ڌاڙيلن ڪڏهن به ڪنهن سردار کي اغوا ڪيو آهي نه ئي وري ڪڏهن ڪنهن سردار ڌاڙيلن جي مخالفت ڪئي آهي؟ سردارن جون ته پنج ئي اڱريون گيهھ ۾ آهن، ڌاڙيلن جي سرپرستي ڪري انهن کان پئسا وٺڻ، ڌاڙيلن کي هٿيار سپلاءِ ڪرڻ تائين سڀ ڪجهه اهي سردار ئي ڪرائيندا آهن، باقي ڳالهه رهي پوليس سميت ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ته اهي به گهڻي ڀاڱي انهن ڌاڙيلن سان ڀاڱي ڀائيوار هوندا آهن ۽ پنهنجو حصو پتي به وٺندا آهن ته سردارن کي خوش به رکندا آهن، ڪافي دوست سوچيندا هوندا ته ائين ناهي جيڪڏهن ائين ناهي ته پوءِ جيڪب آباد مان گرفتار ٿيل نوجوان جديد هٿيار کڻي ڪيڏانهن وڃي رهيو هو؟ سڀ سمجهن پيا ته اهي هٿيار ڌاڙيلن کي ملڻا هئا جنهن کي پوليس پڪڙي وڌو.
جيڪڏهن ڪجهه منٽن لاءِ تصور به ڪيون ته قانون لاڳو ڪندڙ اهي ادارا ڌاڙيلن جا ساٿاري ناهن ته پوءِ آخر انهن ڌاڙيلن خلاف ڪارروائي ڇو نٿي ڪئي وڃي؟ اهي ڌاڙيلن کي ٽريس ڪري انهن کي گرفتار به نٿا ڪري سگهن ، سموري سنڌ ۾ رهندڙ سڀ ماڻهو انهي ڳالهه کي سمجهن ٿا ته هڪ طرف جيڪا پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا پريس ڪلبن اڳيان احتجاج ڪندڙن تي لٺيون وسائيندا آهن نياڻي کي گهليندا آهن، سياسي ڪارڪنن کي گهران کنڀي سالن جا سال غائب ڪري ڇڏيندا آهن، انهن کان اڻپڙهيل ، جاهل ، بي شعور ڌاڙيل طاقتور آهن؟ پوليس ۾ موجود ڪاريون رڍون سردارن جي چوڻ تي هٿ سان پنهنجا اهلڪار مارائي عام ماڻهن جي ذهن ۾ ڌاڙيلن جو خوف ويهارڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، پوليس ۽ ڌاڙيلن جو مقابلو ائين آهي جيئن هڪ جي هٿ ۾ گليل هجي ۽ اڳئين جي هٿ ۾ پسٽل، ڌاڙيلن وٽ جديد روسي ۽ آمريڪي ساخت جا هٿيار ۽ پوليس وٽ اهي ساڳيون پراڻيون رائفلون جن سان ڪيترن سالن کان فائر به ناهي ٿيل هوندو، ۽ پوليس کي جيڪي بڪتر بندگاڏيون ڏنيون وينديون آهن اهي به ٽين جون ٺهيل هونديون آهن جنهن مان گولي ائين ڪراس ڪري اندر ويٺل پوليس اهلڪارن کي لڳندي آهي جو پوليس اهلڪارن کي هڏڪي ڀرڻ به نصيب ناهي ٿيندي، آئون قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي اهو چونديس ته خدارا غريبن جي ٻچن جو اوهان کي خيال ناهي ته گهٽ ۾ گهٽ پنهنجي ادارن جي عزت جو ئي خيال ڪيو .